Bible in one year جون ٢٥رسولن جا ڪم ٧:٢٢-٤٣٢٢. ھن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ ھو ڳالھائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ طاقتور ٿي پيو.٢٣. جڏھن موسيٰ چاليھن سالن جي عمر جو ٿيو تہ ھن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنھنجي قوم وارن کي ڏسان.‘٢٤. ھن وڃي ڏٺو تہ سندس قوم بني اسرائيل جي ھڪڙي ماڻھوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنھنڪري موسيٰ انھيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ انھيءَ مصريءَ کي ماري ھن جو بدلو ورتائين.٢٥. موسيٰ سمجھيو ھو تہ ’منھنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منھنجي وسيلي کين ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندو،‘ پر ھنن نہ سمجھيو.٢٦. ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘٢٧. پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟٢٨. ڇا تون مون کي بہ مارڻ چاھين ٿو، جيئن تو ڪالھہ ھڪ مصريءَ کي ماريو ھو؟‘٢٩. موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.٣٠. جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.٣١. موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ٣٢. ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.٣٣. خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِجو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.٣٤. بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘٣٥. اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.٣٦. ھي اھو ئي شخص آھي جنھن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙھي سمنڊ وٽ ۽ چاليھن سالن تائين بيابان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رھيو.٣٧. ھي اھو ئي موسيٰ آھي جنھن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوھان لاءِ اوھان مان ئي مون جھڙو ھڪڙو نبي موڪليندو.‘٣٨. ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.٣٩. پر اسان جي ابن ڏاڏن ھن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ انھن جي دلين جو لاڙو مصر ڏانھن ٿيو.٤٠. انھن ھارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اھڙا ديوتا ٺاھہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان ھلن، ڇوتہ جنھن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍيو ھو تنھن جي خبر نہ آھي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘٤١. انھن ئي ڏينھن ۾ ھنن ھڪڙو بت ٺاھيو، جيڪو گابي جي شڪل جھڙو ھو ۽ انھيءَ بت تي قرباني ڏنائون. ھو پنھنجن ھٿن سان ٺھيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.٤٢. پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِ بيابان ۾ چاليھن سالن تائين جانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏھن بہ نہ،٤٣. پر اوھان مولڪ بت جو خيمو، ۽ ديوتا رفان جي ستاري جو بت پاڻ سان کنيا، جيڪي اوھان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاھيا ھئا. ھاڻي آءٌ اوھان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society