|
|
| ٢٢. پر شائول جي تبليغ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يھودي دمشق ۾ رھندا ھئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي. |
| ٢٣. گھڻن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ يھودين گڏجي سازش سٽي تہ شائول کي قتل ڪجي. |
| ٢٤. پر شائول کي سندن سازش جي خبر پئجي ويئي تہ اھي رات ڏينھن شھر جي دروازن تي پھرو ڏيندا رھن ٿا تہ جيئن کيس مارين. |
| ٢٥. سو سندس شاگردن رات جي وقت ھن کي ھڪڙي کاريءَ ۾ ويھاري شھر جي ڀت کان ھيٺ لاھي ڇڏيو. |
| ٢٦. پوءِ شائول يروشلم ۾ اچي پھتو ۽ شاگردن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اھي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ ھو بہ ڪو شاگرد آھي. |
| ٢٧. تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي. |
| ٢٨. پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو. |
| ٢٩. ھو يوناني ڳالھائيندڙ يھودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو ھو، پر اھي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا ھئا. |
| ٣٠. جڏھن ڀائرن کي اھا خبر پيئي تہ ھو شائول کي قيصريہ ۾ وٺي آيا ۽ پوءِ کيس ترسس ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. |
| ٣١. انھيءَ کان پوءِ سڄي يھوديہ، گليل ۽ سامريہ جي ڪليسيائن کي امن حاصل ٿيو. اھي قائم ٿينديون ويون ۽ خداوند جي خوف ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌنديون ويون. |
| ٣٢. پطرس سڄي ملڪ ۾ گھمندو رھيو ۽ ھڪڙي ڏينھن ھو خداوند جي انھن ماڻھن سان ملڻ ويو، جيڪي لدہ ۾ رھندا ھئا. |
| ٣٣. اتي ھن اينياس نالي ھڪ اھڙي ماڻھوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل ھو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو ھو. |
| ٣٤. پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. |
| ٣٥. لدہ ۽ شارون جي سڀني ماڻھن جڏھن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏھن ھنن خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. |
| ٣٦. يافا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي رھندي ھئي، جنھن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس ھو. ھوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي ھئي. |
| ٣٧. انھن ڏينھن ۾ ھوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. ھن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون. |
| ٣٨. جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“ |
| ٣٩. پطرس اٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتو تہ اھي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنونزالون ھن جي ڀرسان بيھي روئڻ لڳيون ۽ کيس دورڪاس جا ٺھيل پھراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي ھوءَ انھن سان گڏ ٺاھيندي ھئي. |
| ٤٠. پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي. |
| ٤١. پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رننزالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين. |
| ٤٢. ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو. |
| ٤٣. پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينھن يافا ۾ شمعون نالي موچيءَ وٽ رھيل ھو. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |