Bible in one year جون ٥يوحنا ١٤:١-٣١١. عيسيٰ انھن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنھنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي يقين رکو ۽ مون تي بہ يقين رکو.٢. منھنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آھن. آءٌ اوھان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھيان. جيڪڏھن ائين نہ ھجي ھا تہ آءٌ اوھان کي نہ ٻڌايان ھا.٣. جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.٤. جيڏانھن آءٌ وڃي رھيو آھيان، انھيءَ رستي جي اوھان کي خبر آھي.“٥. تنھن تي توما کيس چيو تہ ”اي خداوند! اسان کي خبر نہ آھي تہ تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، سو اسان کي انھيءَ رستي جي خبر ڪيئن پوندي؟“٦. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.٧. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ٿا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻيندا. اڄ کان وٺي اوھين کيس سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.“٨. تنھن تي فلپس چيس تہ ”اي خداوند! اسان کي پيءُ ڏيکار. بس اھو ئي اسان کي گھرجي.“٩. عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! ھيترو وقت آءٌ اوھان سان ھوس تہ بہ اوھين مون کي نہ ٿا سڃاڻو؟ جنھن بہ مون کي ڏٺو آھي تنھن پيءُ کي ڏٺو آھي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکار‘؟١٠. ڇا تو کي يقين نہ آھي تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي؟ جيڪي ڳالھيون آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو سي پاڻ ئي ڪين ٿو ٻڌايان، پر پيءُ، جيڪو مون ۾ رھي ٿو سو پنھنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.١١. مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پيءُ ۾ آھيان ۽ پيءُ مون ۾ آھي. جيڪڏھن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ ھي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رھيو آھيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو.١٢. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان آڻيندو سو بہ اھڙا ئي ڪم ڪندو جھڙا آءٌ ڪري رھيو آھيان، بلڪ انھن کان بہ وڏا ڪم ڪندو، ڇالاءِجو آءٌ وڃي پيءُ وٽ ئي رھندس.١٣. اوھين منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.١٤. اوھين منھنجي نالي تي جيڪي بہ مون کان گھرندا سو آءٌ ڪندس.“١٥. ”جيڪڏھن اوھين سچپچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.١٦. آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو،١٧. يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻتہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻتہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.١٨. آءٌ اوھان کي يتيم ڪري ڇڏي نہ ويندس، آءٌ ضرور موٽي ايندس.١٩. باقي ٿورو وقت آھي ۽ پوءِ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي، پر اوھين مون کي ڏسندا. آءٌ زندہ آھيان تنھنڪري اوھين بہ زندہ ھوندا.٢٠. جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ پنھنجي پيءُ ۾ آھيان ۽ اوھين مون ۾ ۽ آءٌ اوھان ۾ آھيان.٢١. جنھن کي منھنجي حڪمن جي خبر آھي ۽ ھو انھن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنھن سان منھنجو پيءُ پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انھيءَ سان پيار ڪندس ۽ مٿس پاڻ ظاھر ڪندس.“٢٢. يھوداہ اسڪريوتي نہ، بلڪ ٻي يھوداہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوھين اسان تي تہ پاڻ ظاھر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“٢٣. تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.٢٤. جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منھنجي ڪلام تي عمل نہ ٿو ڪري ۽ ڪلام جيڪو اوھان ٻڌو آھي، سو منھنجو نہ آھي پر اھو پيءُ جو آھي جنھن مون کي موڪليو آھي.٢٥. مون اھي ڳالھيون اوھان سان رھي اوھان کي ٻڌايون آھن.٢٦. پر مددگار يعني پاڪ روح، جنھن کي پيءُ منھنجي نالي موڪليندو، سو اوھان کي سڀ ڳالھيون سيکاريندو ۽ اوھان کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندو رھندو، جيڪي مون اوھان کي چيون آھن.٢٧. آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.٢٨. اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻتہ پيءُ مون کان وڏو آھي.٢٩. ھن ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو آھي تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻجو.٣٠. ھن کان پوءِ آءٌ اوھان سان وڌيڪ نہ ڳالھائيندس، ڇالاءِجو ھن دنيا جو سردار اچي رھيو آھي. ھن جو مون تي ڪوبہ اختيار نہ آھي.٣١. پر اھو انھيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن دنيا کي خبر پوي تہ آءٌ پيءُ سان پيار ڪريان ٿو ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آھي تيئن ئي ڪريان ٿو. ھاڻي ھلو تہ ھتان ھلون.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society