|
|
| ١. قيصريہ ۾ ڪرنيليس نالي ھڪ ماڻھو ھو، جيڪو رومي لشڪر جي اِٽليءَ واري پلٽڻ ۾ صوبيدار ھو. |
| ٢. ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو. |
| ٣. ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“ |
| ٤. ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس. |
| ٥. ھاڻي تون ڪي ماڻھو يافا ڏانھن موڪل، جيڪي انھيءَ ماڻھوءَ کي وٺي اچن جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن. |
| ٦. ھو شمعون نالي ھڪ موچيءَ وٽ ٽڪيل آھي جنھن جو گھر سمنڊ جي ڪناري تي آھي.“ |
| ٧. پوءِ جيڪو ملائڪ ساڻس ڳالھائي پيو سو ھليو ويو. ڪرنيليس پنھنجن ٻن نوڪرن ۽ ھڪ ديندار سپاھيءَ کي گھرايو، جيڪو ھن جو اردلي ھو. |
| ٨. ھن انھن کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانھن موڪليائين. |
| ٩. ٻئي ڏينھن تي جڏھن اھي رستي ۾ ئي ھئا ۽ شھر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل ٻنپھرن جو ڪوٺي تي دعا گھرڻ لاءِ چڙھيو. |
| ١٠. ھن کي بک لڳي ۽ چاھيائين تہ ”ڪجھہ کاوان.“ پر جڏھن کاڌو اڃا تيار پئي ٿيو تہ ھن کي رويا ٿي. |
| ١١. ھن ڏٺو تہ آسمان کلي پيو آھي ۽ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي زمين طرف ھيٺ لھي رھي آھي. |
| ١٢. ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت ۽ پکي ھئا. |
| ١٣. ھڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.“ |
| ١٤. پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِجو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“ |
| ١٥. وري آواز آيس تہ ”جنھن کي خدا پاڪ ڪيو آھي، تنھن کي پليت نہ چئُہ.“ |
| ١٦. ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي. |
| ١٧. پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا. |
| ١٨. ھنن سڏ ڪري پڇيو تہ ”شمعون جيڪو پطرس سڏائيندو آھي، سو ھن گھر ۾ ٽڪيل آھي ڇا؟“ |
| ١٩. پطرس اڃا تائين سوچي رھيو ھو تہ انھيءَ رويا جو مطلب ڇا آھي تہ پاڪ روح کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻھو تو کي ڳولي رھيا آھن. |
| ٢٠. سو اٿ ۽ ھيٺ لھي وڃ. انھن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇوتہ مون ئي انھن کي موڪليو آھي.“ |
| ٢١. تنھن تي پطرس ھيٺ لھي ويو ۽ انھن ماڻھن کي چيائين تہ ”آءٌ اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳولي رھيا آھيو. اوھين ڪيئن آيا آھيو؟“ |
| ٢٢. انھن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪرنيليس اسان کي موڪليو آھي. ھو ھڪ نيڪ ۽ خدا ترس ماڻھو آھي ۽ يھودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراھہ اٿس. ھن کي خدا جي ھڪڙي پاڪ ملائڪ چيو آھي تہ ھو تو کي پنھنجي گھر سڏائي تنھنجي واتان تنھنجون ڳالھيون ٻڌي.“ |
| ٢٣. پطرس ماڻھن کي اندر وٺي ويو ۽ کين رات اتي ٽڪايائين. ٻئي ڏينھن تي ھو تيار ٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ ڪي ڀائر يافا مان بہ ھن سان گڏ ھليا. |
|
|
| Sindhi Common Bible 2009 |
| 2009 Pakistan Bible Society |