Bible in one year جولاءِ ١٦رسولن جا ڪم ١٩:٢١-٤٠٢١. ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“٢٢. سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.٢٣. انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي.٢٤. دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو.٢٥. سو ھن انھن ڪاريگرن ۽ اھڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوھين ڄاڻو ٿا تہ ھن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رھيو آھي.٢٦. اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘٢٧. سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“٢٨. ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“٢٩. سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪمشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.٣٠. پولس جي مرضي ھئي تہ ھو ميڙ ۾ وڃي، پر شاگردن وڃڻ نہ ڏنس.٣١. ايشيا پرڳڻي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواھہ ھئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاھہ ۾ وڃي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھو.“٣٢. انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻتہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.٣٣. آخرڪار ماڻھن مان ڪن جو ھي خيال ھو تہ سڪندر ئي ذميوار آھي، ڇالاءِجو يھودين کيس اڳ ۾ ڪيو ھو. پوءِ سڪندر ھٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻھن اڳيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪا تقرير ڪري.٣٤. پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“٣٥. آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي.٣٦. انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.٣٧. ڇالاءِجو جن ماڻھن کي اوھين ھتي وٺي آيا آھيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آھن ۽ نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف ڪفر بڪن ٿا.٣٨. تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.٣٩. پر جيڪڏھن اوھان کي ڪن ٻين ڳالھين جي صفائي وٺڻي آھي تہ انھيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو.٤٠. اڄ شھر ۾ جيڪو ھنگامو ٿيو آھي، انديشو آھي تہ انھيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ ھن ھنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انھيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“ Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society