Bible in one year جولاءِ ٢٤رسولن جا ڪم ٢٤:١-٢٧١. پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.٢. جڏھن پولس کي سڏايو ويو تہ طرطلس ھن تي الزام ھڻندي چيو تہ ”جناب فِيلِڪس صاحب بھادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون ۽ اوھان جي دورانديشيءَ سبب ھن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آھن.٣. اسين ھر طرح ۽ ھرھنڌ اوھان جا شڪرگذار ۽ ٿورائتا آھيون.٤. آءٌ اوھان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، رڳو عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالھيون ٻڌو.٥. ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society