Bible in one year جولاءِ ٥رسولن جا ڪم ١٣:١-٢٥١. انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.٢. جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“٣. تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.٤. برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا.٥. جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.٦. جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو.٧. ھو ٻيٽ جي گورنر سرگيس پولس، جيڪو ھڪڙو ذھين شخص ھو تنھن جو درٻاري ھو. انھيءَ گورنر برنباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻتہ ھن خدا جو ڪلام ٻڌڻ پئي چاھيو.٨. پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.٩. پوءِ شائول، جنھن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آھن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانھن چتائي نھاريو١٠. ۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين.١١. سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي.١٢. جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.١٣. پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو.١٤. ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا.١٥. جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادتخانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“١٦. تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو.١٧. بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو١٨. ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو.١٩. ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين.٢٠. اھڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.٢١. ان کان پوءِ ھنن بادشاھہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا شائول کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جيڪو بنيامين جي قبيلي مان قيش جو پٽ ھو، جنھن چاليھن سالن تائين حڪومت ڪئي.٢٢. جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘٢٣. جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو.٢٤. عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ تبليغ ڪئي تہ توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو.٢٥. جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society