Bible in one year جولاءِ ٨رسولن جا ڪم ١٥:١-٢١١. ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“٢. پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.٣. تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.٤. جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.٥. پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“٦. رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.٧. گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.٨. خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِجو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي.٩. ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِجو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون.١٠. تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟١١. جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“١٢. سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون.١٣. جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو.١٤. جھڙيءَ طرح شمعون بيان ڪيو تہ ڪيئن خدا شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن انھن مان پنھنجي لاءِ ھڪڙي قوم چونڊي،١٥. تھڙيءَ طرح نبي جيڪي چئي ويا آھن سو بہ انھيءَ سان ٺھڪي ٿو اچي. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ١٦. ’خداوند چيو تہ ”ھنن ڳالھين کان پوءِ آءٌ موٽي ايندس. دائود جو گھر جيڪو ڊھي پيو آھي، تنھن کي وري ٺاھيندس. آءٌ انھيءَ جا ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري کيس وري اڏيندس.١٧. انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو ۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“١٨. ھي اھو خداوند فرمائي ٿو، جيڪو دنيا جي شروعات کان وٺي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو آيو آھي.‘“١٩. يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منھنجي راءِ آھي تہ غير قومن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون.٢٠. پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.٢١. ڇالاءِجو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادتخانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society