Bible in one year آگسٽ ١٧رومين ١٥:٢٥-٣٣٢٥. پر فيالحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.٢٦. ڇالاءِجو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.٢٧. انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِجو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن.٢٨. جڏھن آءٌ اھو ضروري ڪم ختم ڪندس ۽ جيڪو انھن لاءِ چندو گڏ ٿيو سو انھن جي حوالي ڪندس، تڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس ۽ رستي تي اوھان سان بہ ملندو ويندس.٢٩. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.٣٠. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،٣١. تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.٣٢. پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوھان وٽ اچان ۽ اوھان سان گڏ آرام حاصل ڪريان.٣٣. ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society