Bible in one year آگسٽ ٢١1 ڪرنٿين ٣:١-٢٣١. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس.٢. مون اوھان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِجو اوھين اڃا انھيءَ لاءِ تيار نہ ھئا ۽ نڪي ھاڻي ئي تيار آھيو.٣. اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟٤. جڏھن اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ تہ پوءِ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ آھيو ڇا؟٥. تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.٦. مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا.٧. سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو.٨. پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.٩. ڇالاءِجو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.١٠. خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.١١. سواءِ انھيءَ اڳ وڌل بنياد جي ڪوبہ ماڻھو ٻيو بنياد وجھي نہ سگھندو ۽ اھو بنياد يسوع مسيح آھي.١٢. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ بنياد تي سون، چاندي، ھيرن جواھرن، ڪاٺ، گاھہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو،١٣. تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِجو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.١٤. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.١٥. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان پوندو، پر ھو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.١٦. اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟١٧. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِجو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو.١٨. ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بيوقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.١٩. ڇالاءِجو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بيوقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ ”خدا ڏاھن کي سندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“٢٠. ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ ”خداوند ڄاڻي ٿو تہ ڏاھن جا خيال اجايا آھن.“٢١. تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِجو سڀ شيون اوھان جون آھن،٢٢. جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.٢٣. اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society