Bible in one year آگسٽ ٢٥1 ڪرنٿين ٧:١-١٩١. ھاڻي جن ڳالھين بابت اوھان لکي پڇيو آھي، تن مان ھڪڙي ھيءَ آھي تہ ’مرد لاءِ چڱو آھي تہ عورت کي ھٿ بہ نہ لائي.‘٢. پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.٣. ھر مڙس کي پنھنجيءَ زال جو حق ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن زال کي پنھنجي مڙس جو.٤. زال پنھنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آھي پر سندس مڙس ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنھنجي جسم جو مالڪ نہ آھي پر سندس زال.٥. اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي.٦. انھيءَ ڳالھہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڪريان.٧. تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي.٨. پر اڻپرڻيلن ۽ رننزالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن.٩. پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِجو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي.١٠. باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي.١١. پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.١٢. باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.١٣. يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي.١٤. ڇالاءِجو ديندار زال جي ڪري بيدين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بيدين زال پاڪ ٿئي ٿي، نہتہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.١٥. انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي.١٦. ڇالاءِجو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟١٧. پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.١٨. جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻطھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.١٩. طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society