Bible in one year آگسٽ ٣١1 ڪرنٿين ١١:١-١٦١. اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.٢. آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.٣. آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي.٤. جيڪو مرد پنھنجو سر ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي، سو پنھنجي سر جي بيحرمتي ٿو ڪري.٥. جيڪا عورت پنھنجو سر اگھاڙو ڪري دعا ٿي گھري يا خدا جو ڪلام ٿي ٻڌائي، سا پنھنجي سر جي بيحرمتي ٿي ڪري. اھو ائين آھي جيئن ڪنھن عورت جو مٿو ڪوڙيل ھجي.٦. جيڪڏھن ڪا عورت پنھنجو سر نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جھڙي ڳالھہ آھي، تہ پوءِ پنھنجو سر چادر سان ڍڪي.٧. مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِجو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي.٨. ڇالاءِجو مرد عورت مان نہ، بلڪ عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي.٩. ھائو، مرد عورت لاءِ نہ خلقيو ويو ھو، پر عورت مرد لاءِ خلقي وئي ھئي.١٠. سو ملائڪن جي اڳيان اختياري ڏيکارڻ لاءِ عورت کي سر ڍڪڻ گھرجي.١١. تنھن ھوندي بہ خداوند جي پيرويءَ ۾ عورت مرد کان لاتعلق ناھي، نڪي مرد عورت کان لاتعلق آھي.١٢. ڇالاءِجو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي.١٣. اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟١٤. ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بيعزتيءَ جي شيءِ آھن؟١٥. پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِجو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.١٦. جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society