Bible in one year آگسٽ ٦رومين ٨:١-٢١١. تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.٢. ڇالاءِجو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.٣. جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.٤. اھو خدا انھيءَ لاءِ ڪيو تہ اسين جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلون ٿا، تن ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي.٥. جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي انساني فطرت جا تابعدار آھن. پر جيڪي پاڪ روح موجب ھلن ٿا سي پاڪ روح جا تابعدار آھن.٦. جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.٧. انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِجو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.٨. جيڪي انساني فطرت موجب ھلن ٿا سي خدا کي راضي ڪري نہ سگھندا.٩. اوھين انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب ھلو ٿا، بشرطيڪ اوھان ۾ خدا جو روح رھي. جنھن ماڻھوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آھي سو مسيح جو نہ آھي.١٠. جيتوڻيڪ اوھان جو جسم گناھہ جي ڪري مئل آھي، پر جيڪڏھن مسيح اوھان ۾ آھي تہ پوءِ اوھان جو روح زندہ آھي، ڇالاءِجو خدا اوھان کي پاڻ ڏانھن سچار بڻايو آھي.١١. جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.١٢. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ذميوار تہ آھيون، پر انساني فطرت جا نہ، جو ان موجب زندگي گذاريون.١٣. ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏھن پاڪ روح جي وسيلي جسم جي نفساني خواھشن کي فنا ڪندا تہ جيئرا رھندا.١٤. ڇالاءِجو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.١٥. اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.١٦. اھو روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاھدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آھيون.١٧. جيڪڏھن اسين ھن جا ٻار آھيون تہ وارث بہ آھيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آھيون، بشرطيڪ ھن سان ڏکن ۾ شريڪ ٿيون تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ٿينداسون.١٨. آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي.١٩. سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.٢٠. ڇالاءِجو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي٢١. تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society