٨. ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.
٩. ڇالاءِجو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“
١٠. نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا.
١١. ٻارن جي ڄمڻ ۽ انھن جي چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو تہ وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو، انھيءَ لاءِ تہ ڏيکاريو وڃي تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو.
١٢.
١٣. جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“