Bible in one year سيپٽمبر ١٦2 ڪرنٿين ٨:٨-٢٤٨. آءٌ اوھان کي حڪم ڏيندي ائين نہ ٿو چوان، پر انھيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوھان جي محبت جي سچائيءَ کي بہ آزمايان.٩. ڇالاءِجو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.١٠. انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.١١. تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِجو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو.١٢. ڇالاءِجو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.١٣. آءٌ ائين نہ ٿو چاھيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوھان کي تڪليف ملي، پر ھڪجھڙائي ھجي.١٤. ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي.١٥. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جنھن گھڻو گڏ ڪيو، تنھن وٽ وڌيڪ نہ بچيو، ۽ جنھن ٿورو گڏ ڪيو، تنھن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“١٦. خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.١٧. ڇالاءِجو ھن نہ رڳو اسان جي ھدايت کي مڃيو پر ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنھنجي خوشيءَ سان اوھان ڏانھن اچي رھيو آھي.١٨. ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.١٩. نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.٢٠. اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.٢١. ڇالاءِجو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.٢٢. اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻتہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.٢٣. طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.٢٤. تنھنڪري اوھين پنھنجي محبت ۽ اوھان تي اسان کي جيڪو فخر آھي، سو ڪليسيائن جي آڏو انھن کي ثابت ڪري ڏيکاريو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society