Bible in one year سيپٽمبر ١٩2 ڪرنٿين ١١:١-١٥١. ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بيوقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.٢. مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.٣. پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.٤. جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟٥. ڇالاءِجو جن رسولن کي اوھين تمام وڏو ٿا چئو، آءٌ پاڻ کي تن کان ذرو بہ گھٽ نہ ٿو سمجھان.٦. پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بيھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.٧. مون اوھان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائي ۽ پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪيو تہ جيئن اوھين مٿي ٿيو. ڇا اھو ئي منھنجو گناھہ آھي؟٨. مون ٻين ڪليسيائن کي ڄڻ تہ ڦريو، يعني انھن کان اجورو ورتم تہ جيئن اوھان جي خدمت ڪريان.٩. جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِجو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس.١٠. مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.١١. آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.١٢. پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.١٣. ڇالاءِجو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين.١٤. انھيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونھي، ڇالاءِجو شيطان بہ ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي ھڪ نوراني ملائڪ جھڙو بڻائي ٿو.١٥. تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society