١. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اھا خوشخبري ياد ڏياريان ٿو، جيڪا اوھان کي ٻڌائي ھيم. اوھان اھا قبول ڪئي ۽ انھيءَ تي اوھين قائم بہ آھيو.
٢. اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي.
٣. جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.
٤. پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو.
٥. ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين.
٦. تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.
٧. پوءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.
٨. سڀ کان پوءِ ھن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو ھوس.
٩. ڇالاءِتہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم.
١٠. پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.
٢٠. پر سچپچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.
٢١. جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي وسيلي موت آيو، تھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي ئي وسيلي مُڙدن جو جِي اٿڻ بہ آيو آھي.
٢٢. جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.
٢٣. پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.
٢٤. پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو.
٢٥. ڇالاءِجو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري.