Bible in one year سيپٽمبر ٧1 ڪرنٿين ١٥:٢٩-٥٨٢٩. جيڪڏھن مئل وري جِي نہ ٿا اٿن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏھن مئل واقعي ئي جِي نہ ٿا اٿن تہ انھن جي حق ۾ ماڻھن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟٣٠. جيستائين اسان جو واسطو آھي، اسين ھر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟٣١. اي ڀائرؤ! مون کي پنھنجي انھيءَ فخر جو قسم، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان گڏ ھئڻ ڪري اوھان تي آھي، تہ آءٌ ڏھاڙي موت جي منھن ۾ آھيان.٣٢. جيڪڏھن آءٌ اِفسس ۾ جھنگلي جانورن سان انساني خواھش جي ڪري وڙھيس تہ پوءِ مون کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏھن مئل نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇوتہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.٣٣. ٺڳجي نہ وڃو. بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.٣٤. نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻتہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.٣٥. ھاڻي ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اھي وري ڪھڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟٣٦. اي بيوقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.٣٧. اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو.٣٨. خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انھيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ ھر ھڪ ٻج کي پنھنجو پنھنجو جسم عطا ڪري ٿو.٣٩. سڀني جو جسم ھڪجھڙو نہ ٿيندو آھي. انسانن جو جسم ھڪ قسم جو آھي تہ چوپاين جو ٻيءَ طرح، پکين جو ھڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.٤٠. آسماني جسم بہ آھن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو ھڪڙو آھي تہ زمين وارن جو وري ٻيو.٤١. سج جو ھڪ جلوو آھي تہ چنڊ جو وري ٻيو جلوو آھي ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو جلوو آھي. ھر ھڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا جدا آھي.٤٢. اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.٤٣. اھو بيقدريءَ سان پورجي ٿو، پر جلوي سان جياريو وڃي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ڪري جياريو وڃي ٿو.٤٤. نفساني جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ڪري جيارجي ٿو. جيڪڏھن نفساني جسم آھي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آھي.٤٥. جيئن پاڪ لکتن ۾ آيل آھي تہ ”پھريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ پويون آدم زندگي بخشيندڙ روح آھي.٤٦. انھيءَ ھوندي بہ پھريائين روحاني نہ، پر جسماني ھو ۽ پوءِ روحاني ٿيو.٤٧. پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو.٤٨. جيڪي ڌرتيءَ وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ جيڪي آسمان وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو آسمان مان آيو.٤٩. جھڙي نموني اسان کي ڌرتيءَ واري جي صورت ملي آھي، تھڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ملندي.٥٠. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.٥١. ٻڌو، آءٌ اوھان کي ھڪ راز ٻڌايان ٿو تہ اسين سڀ مري ڪونہ وينداسين پر سڀيئي بدلايا وينداسين،٥٢. ھڪدم، اک ڇنڀ ۾، آخري صور جي ڦوڪڻ سان ئي. اھا صور ڦوڪي ويندي، مئل غير فاني حالت ۾ اٿاريا ويندا ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.٥٣. جيڪو فاني آھي سو بقا جي پوشاڪ ضرور پائيندو ۽ مرڻ وارو دائمي حياتيءَ جي پوشاڪ پائيندو.٥٤. تنھنڪري جڏھن فانيءَ کي غير فاني ۽ مرڻ واري کي دائمي پوشاڪ پھرائي ويندي، تڏھن اھو لکيل قول سچو ثابت ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، فتح پوري ٿي.٥٥. اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟ اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“٥٦. موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.٥٧. پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي.٥٨. تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابتقدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society