Bible Version Compare Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian Hebrew German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Spanish Galacian Bosnian Kabardian Guarani Jamaican Portuguese Nahuatl Kiche Qeqchi Quechuan New Zealand Malaysian Papua New Guinea Turkish Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi ڊوگري هريانوي ڪانڪاڻي ميٽي Santali Sindhi Kurukh Assamese Maithili Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Bagri Bhilali Bodo Braj Tulu Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Lao Kazakhstan Thai Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Algerian Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Romani Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Kurdish Mazanderani Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Haitian Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن موبا نور شيلڪ تماشق Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا پولر گسي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Edo Kituba ماسائي ترڪانه لوگورو Aymara Bengali Urdu Arabic Persian Pashto Uyghur Indonesian Sundanese Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray Madurese ابان Iu Mien ڪچن ڪراڪلپاڪ ڪويا لاهو ٿڊو مڪونڊي سنسڪرت ديوناگري Vietnamese Chinese Hmong Tibetian Japanese Javanese Sinhala Mongolian Korean English Aramaic Latin Esperanto Coptic متي پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو ٩ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣٣٤٣٥٣٦٣٧٣٨1 1 1 - ١٦ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣٣٤٣٥٣٦٣٧٣٨1 1 1 ١يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“٣تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“٤يسوع سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منشپتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“٧اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو.٨جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!٩يسوع اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي اچي يسوع ۽ سندس چيلن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“١٢يسوع هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي.١٣سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“١٤پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ وِرت رکندا.١٦ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.Sindhi Hindu Bible 2022 Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society١عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“٣تنهن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ڪفر ٿو بڪي.“٤عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“٧اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو.٨جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!٩عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار اچي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“١٢عيسيٰ هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي.١٣سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“١٤پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.١٦ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.Sindhi Muslim Bible 2022 Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.١عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“٣تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“٤عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“٧اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.٨جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!٩عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“١٢عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.١٣وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِجو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“١٤پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.١٦ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society١۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.٢۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.٣۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي.٤۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟٥ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟٦پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ.٧پوءِ هو اُٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو.٨پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.٩۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.١٠پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا.١١۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟١٢پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن.١٣پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.١٤تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟١٥يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.١٦۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.Sindhi Bible 1962 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962