بائيبل نسخن جو مقابلو ڪريو
- |
|---|
| ١ |
| يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو. |
| ٢ |
| ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ |
| ٣ |
| تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“ |
| Sindhi Hindu Bible 2022
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society |
| ١ |
| عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو. |
| ٢ |
| ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ |
| ٣ |
| تنهن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ڪفر ٿو بڪي.“ |
| Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society. |
| ١ |
| عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو. |
| ٢ |
| ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“ |
| ٣ |
| تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“ |
| Sindhi Common Bible 2009
© 2009 Pakistan Bible Society |
| ١ |
| ۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو. |
| ٢ |
| ۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا. |
| ٣ |
| ۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي. |
| Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 |