Bible Version Compare Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian Hebrew German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Spanish Galacian Bosnian Guarani Jamaican Portuguese Nahuatl Kiche Qeqchi Quechuan New Zealand Malaysian Papua New Guinea Turkish Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi ڊوگري هريانوي ڪانڪاڻي ميٽي Santali Sindhi Kurukh Assamese Maithili Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Lao Kazakhstan Thai Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Algerian Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Romani Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Kurdish Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Haitian Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن موبا نور شيلڪ تماشق Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا پولر گسي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande ماسائي ترڪانه لوگورو Aymara Bengali Urdu Arabic Persian Pashto Uyghur Indonesian Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray ابان Iu Mien ڪچن ڪراڪلپاڪ ڪويا لاهو ٿڊو مڪونڊي سنسڪرت ديوناگري Vietnamese Chinese Hmong Japanese Javanese Sinhala Mongolian Korean English Aramaic Latin Esperanto Coptic متي پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو ٩ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨1 1 1 ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣٣٤٣٥٣٦٣٧٣٨1 1 1 - ٣٢ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣٣٤٣٥٣٦٣٧٣٨1 1 1 ١۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.٢۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.٣۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي.٤۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟٥ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟٦پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ.٧پوءِ هو اُٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو.٨پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.٩۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.١٠پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا.١١۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟١٢پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن.١٣پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.١٤تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟١٥يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا.١٦۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.١٧نڪي ماڻهو پراڻن ساندارن ۾ تازي انگوري رس ڀريندا آهن: نہ تہ جيڪر ساندارا بہ ڦاٽي پون؛ ۽ رس بہ هارجي وڃي، ۽١٨اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.١٩۽ يسوع اُٿي شاگردن سميت هن سان گڏجي ويو.٢٠۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين:٢١ڇالاءِ جو هن پنهنجي دل ۾ چيو ٿي تہ جي آئون رڳو هن جي پوشاڪ کي هٿ لائينديس تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.٢٢پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.٢٣۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،٢٤تڏهن چيائين تہ جاءِ ڏيو، ڇالاءِ جو ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پئي آهي. ۽ هو مٿس کِلڻ لڳا.٢٥پر جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن هو اندر گهڙيو، ۽ هن کي هٿ کان ورتائين، تہ ڇوڪري اُٿي ويٺي.٢٦۽ اُنهيءَ ڳالهہ جي ساري ملڪ ۾ هاڪ پئجي ويئي.٢٧پوءِ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن ٻہ انڌا سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳا، تہ اي ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.٢٨پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند.٢٩تڏهن هن سندن اکين کي هٿ لائي چيو، تہ اوهان جي ايمان موجب اوهان سان ٿئي.٣٠تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.٣١پر هو ٻاهر هليا ويا، ۽ وڃي ساري ملڪ ۾ هن جو نالو هلايائون.٣٢اڃا هو ٻاهر نڪتا تہ ڏسو، هڪڙي گونگي کي وٽس وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو.Sindhi 1954 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962١عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“٣تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“٤عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابنآدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“٧اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.٨جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!٩عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“١٢عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.١٣وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِجو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“١٤پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آھي تيستائين ھو ڪي غمگين رھندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.١٦ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو ھڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي پھراڻ کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.١٧نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“١٨جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادتخاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“١٩تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو.٢٠واٽ تي ڪا عورت ھئي جنھن کي ٻارھن سالن کان رت پيو ايندو ھو. ھوءَ عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين.٢١ھن دل ۾ چيو تہ ”جيڪڏھن رڳو ڪپڙن کي بہ ھٿ لڳو تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.“٢٢عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.٢٣پوءِ عيسيٰ اڳواڻ جي گھر پھتو ۽ ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي.٢٤تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“٢٥سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ماڻھن جي ٻاھر نڪرڻ شرط عيسيٰ ڪمري ۾ ويو ۽ ڇوڪريءَ جي ھٿ کان ورتائين تہ ھوءَ اُٿي ويٺي.٢٦ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.٢٧جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“٢٨پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“٢٩عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“٣٠تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“٣١پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.٣٢جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو.Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society١يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“٣تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“٤يسوع سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منشپتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“٧اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو.٨جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!٩يسوع اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي اچي يسوع ۽ سندس چيلن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“١٢يسوع هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي.١٣سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“١٤پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ وِرت رکندا.١٦ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.١٧نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“١٨جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“١٩تڏهن يسوع اٿيو ۽ چيلن سميت هن سان گڏجي هليو.٢٠هلندي هلندي هڪڙي ناري، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن يسوع جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.٢١هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“٢٢تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي.٢٣پوءِ جڏهن يسوع انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ ارٿيءَ تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.٢٤اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪنيا مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.٢٥جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن يسوع ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنيا کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي.٢٦هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.٢٧جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“٢٨پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ پهتو تہ اهي انڌا بہ وٽس آيا. هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان کي يقين آهي تہ آءٌ هي ڪم ڪري سگھان ٿو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنس تہ ”هائو، سوامي.“٢٩يسوع انهن جي اکين تي هٿ لائيندي چيو تہ ”ائين ئي ٿئي جيڪو اوهان جو يقين آهي.“٣٠تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ يسوع کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“٣١پر انهن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ يسوع جي مشهوري پکيڙي ڇڏي.٣٢ديد ملڻ کان پوءِ جيئن ئي اهي ٻيئي ٻاهر نڪري رهيا هئا تہ ڪي ماڻهو هڪ اهڙو شخص يسوع وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هڪ ڀوت هو.Sindhi Hindu Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society. Used by permission. All rights reserved١عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.٢ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“٣تنهن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ڪفر ٿو بڪي.“٤عيسيٰ سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟٥ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟٦پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“٧اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو.٨جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!٩عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.١٠پوءِ جڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار اچي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.١١فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“١٢عيسيٰ هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي.١٣سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“١٤پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوهان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“١٥تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.١٦ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.١٧نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“١٨جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادتخاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“١٩تڏهن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت هن سان گڏجي هليو.٢٠هلندي هلندي هڪڙي عورت، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن عيسيٰ جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.٢١هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“٢٢تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.٢٣پوءِ جڏهن عيسيٰ انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ جنازي تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي.٢٤اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڇوڪري مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.٢٥جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن عيسيٰ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي.٢٦هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.٢٧جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“٢٨پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ پهتو تہ اهي انڌا بہ وٽس آيا. هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان کي يقين آهي تہ آءٌ هي ڪم ڪري سگھان ٿو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنس تہ ”هائو، سائين.“٢٩عيسيٰ انهن جي اکين تي هٿ لائيندي چيو تہ ”ائين ئي ٿئي جيڪو اوهان جو يقين آهي.“٣٠تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ عيسيٰ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“٣١پر انهن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جي مشهوري پکيڙي ڇڏي.٣٢ديد ملڻ کان پوءِ جيئن ئي اهي ٻيئي ٻاهر نڪري رهيا هئا تہ ڪي ماڻهو هڪ اهڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هڪ ڀوت هو.Sindhi Muslim Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society. Used by permission. All rights reserved