Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Bad Character: [Lazy] ڪلسين ٣:١٧-٢٣[١٧] اوھين جيڪيبہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو. [١٨] اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي. [١٩] اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو. [٢٠] اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُپيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِجو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي. [٢١] اي پيئرؤ! پنھنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان ھو بيھمت ٿي پون. [٢٢] اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صافدليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو. [٢٣] جيڪيبہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھي تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي لاءِ. واعظ ٩:١٠1 تيمٿيس ٥:٨جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجن مائٽن ۽ خاص ڪري پنھنجي گھر ٻار جو بندوبست نہ ٿو ڪري، تہ اھو ايمان کان انڪاري ٿيو ۽ انھيءَ کان بہ وڌيڪ خراب آھي جنھن جو ڪو ايمان ڪونھي.پيدائش ٢:١٥لوقا ١٦:١٠جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آھي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رھندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بيايمان آھي سو گھڻي ۾ بہ بيايمان ٿيندو.مثل ١٠:٤مثل ١٠:٥مثل ١٢:١١مثل ١٢:٢٤مثل ١٣:٤مثل ١٤:٢٣مثل ١٩:١٥مثل ٢٠:٤مثل ٦:٦مثل ٢٦:١٥افسين ٥:١٥-١٧[١٥] تنھنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا ھلو. نادانن وانگر نہ، پر دانائن وانگر زندگي گذاريو. [١٦] وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِجو زمانو خراب آھي. [١٧] تنھنڪري بيوقوف نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند جي مرضي ڪھڙي آھي. مثل ٦:٩-١٢2 ٿسلونيڪين ٣:٦-١٠[٦] اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي اوھان کي حڪم ٿا ڏيون تہ اوھين ھر انھيءَ ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جيڪو اجايو وقت ٿو وڃائي ۽ اسان کان مليل تعليم موجب زندگي نہ ٿو گذاري. [٧] اوھين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪھڙيءَ طرح اوھان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گھرجي. ڇالاءِجو اسين جڏھن اوھان وٽ ھئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين. [٨] ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون. [٩] اسان ائين انھيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان کي اھڙي مدد وٺڻ جو حق نہ ھو، بلڪ انھيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوھان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوھين اسان جي پيروي ڪريو. [١٠] جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين، تڏھن بہ اوھان کي اھو حڪم ڏنو ھوسين تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم ڪرڻ نہ چاھي تہ اھو کائي بہ نہ. مثل ٢٤:٣٠-٣٤متي ٢٥:٢٤-٢٩[٢٤] پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِجو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو. [٢٥] تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘ [٢٦] تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان [٢٧] تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘ [٢٨] پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو. [٢٩] ڇالاءِجو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society