Topics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Church: [Birth Of Jesus] متي ١:١٨-٢٣[١٨] عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي. [١٩] ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ [٢٠] پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِجو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي. [٢١] ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِجو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“ [٢٢] اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ [٢٣] ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“ لوقا ٢:٧-٢١[٧] ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻتہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي. [٨] انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، [٩] تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا. [١٠] تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِجو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي. [١١] ڇوتہ اڄ دائود جي شھر ۾ اوھان لاءِ ھڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آھي، جو مسيح خداوند آھي. [١٢] انھيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ھڪ نشاني اٿوَ تہ اوھين ھڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھيل آھر ۾ پيل ڏسندا.“ [١٣] اوچتو انھن کي انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھڪڙو وڏو آسماني لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندو ھيئن چوندو پئي آيو تہ [١٤] ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“ [١٥] جڏھن ملائڪ انھن وٽان موٽي آسمان ڏانھن ويا تڏھن ريڍار ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھلو تہ بيتلحم ھلون. ھيءَ ڳالھہ جا ٿي آھي ۽ جنھن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آھي سا ھلي ڏسون.“ [١٦] تنھنڪري ھو تڪڙا تڪڙا ويا تہ مريم ۽ يوسف ملين ۽ ٻارڙو آھر ۾ پيل ڏٺائون. [١٧] ھي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اھو ٻڌائڻ لڳا جيڪو ملائڪ کان ٻڌو ھئائون. [١٨] جيڪي ڳالھيون ريڍارن ڪيون سي جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. [١٩] مريم ھي سڀ ڳالھيون ياد ڪيون ۽ دل ۾ سانڍي انھن تي ويچار ڪرڻ لڳي. [٢٠] ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنھن تي خدا جي ساراھہ ۽ واکاڻ ڪندي موٽيا، ڇالاءِجو اھو ائين ئي ھو جيئن انھن کي ٻڌايو ويو ھو. [٢١] اٺن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھن جي سنت ڪرڻ جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو ھن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو ھو. متي ٢:١-١٢[١] يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيتلحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا، [٢] ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“ [٣] ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا. [٤] ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ [٥] انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيتلحم ۾، ڇالاءِجو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ [٦] ’اي بيتلحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِجو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“ [٧] تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“ [٨] پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيتلحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“ [٩] ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون. [١٠] خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا. [١١] جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ [١٢] تنھن تي ھو اُٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتورات مصر ڏانھن ھليو ويو. گلتين ٤:٤پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.لوقا ٢:١-٤[١] انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي. [٢] اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي. [٣] تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو. [٤] يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيتلحم چون ٿا. مڪاشفو ١٢:١-٥[١] پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو. [٢] اُھا پيٽ ڀرئي سان ھئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري رڙيون پئي ڪيائين، ڇالاءِجو ٻار ڄڻڻ تي ھئي. [٣] ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا. [٤] انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي. [٥] عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society