Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Church: [Speaking in Languages] 1 ڪرنٿين ١:٥جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو.رسولن جا ڪم ٢:٤اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.رسولن جا ڪم ١٩:٦پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.گلتين ٥:٢٢پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،مرقس ١٦:١٧ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.1 ڪرنٿين ١٤:٢جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻتہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي.1 ڪرنٿين ١٤:٢٣تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟1 ڪرنٿين ١٤:٢٧-٢٨[٢٧] عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي. [٢٨] پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان. 1 ڪرنٿين ١٢:٨-١١[٨] ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو. [٩] ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون. [١٠] پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو. [١١] پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي. 1 ڪرنٿين ١٣:١-١٣[١] جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان. [٢] جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان. [٣] جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان، پر مون ۾ محبت نہ ھجي، تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو. [٤] محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي، محبت حسد نہ ٿي ڪري. محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي ۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي. [٥] محبت بدتميزي يا بيادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري. [٦] محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي. [٧] محبت پردو رکي ٿي، محبت يقين رکي ٿي، محبت اميد رکي ٿي، محبت سھي ٿي. [٨] محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہ اتي اھو ميٽجي ويندو. [٩] ڇالاءِجو اسان جو علم ناقص ۽ اسان جي پيشنگوئي اڻپوري آھي. [١٠] پر جڏھن ڪامل ايندو تہ ناقص ختم ٿي ويندو. [١١] جڏھن آءٌ ٻار ھوس، تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس، ٻارن وانگر سمجھندو ھوس، ۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس. پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس، تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم. [١٢] ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي. [١٣] مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي. 1 ڪرنٿين ١٤:١-٤٠[١] تہ پوءِ محبت جا طلبگار ٿيو ۽ شوق سان روحاني نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪريو ۽ خاص ڪري خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ. [٢] جيڪو عجيب ٻوليءَ ۾ ڳالھائي ٿو سو ماڻھن سان نہ پر خدا سان ڳالھائي ٿو، ڇاڪاڻتہ ڪوبہ سندس ڳالھہ نہ ٿو سمجھي. ھو روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالھيون ٿو ڳالھائي. [٣] جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري. [٤] جيڪو ماڻھو عجيب ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالھائي سو رڳو پنھنجو سڌارو ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جو سڌارو ٿو ڪري. [٥] منھنجي مرضي آھي تہ اوھين سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھايو، پر وڌيڪ سٺو ائين آھي تہ خدا جو ڪلام ٻڌايو. جيڪو عجيب ٻوليون ٿو ڳالھائي سو جيڪڏھن ڪليسيا جي سڌاري لاءِ انھيءَ جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ انھيءَ کان خدا جو ڪلام ٻڌائيندڙ وڌيڪ سٺو آھي. [٦] اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان. [٧] بانسري ۽ سُرمنڊل جيڪي بيجان شيون آھن، تن جي آوازن ۾ جيڪڏھن فرق نہ ھوندو تہ سُر جي خبر ڪيئن پئجي سگھندي؟ [٨] يا وري بگل جو آواز چِٽو نہ ھوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟ [٩] اھڙيءَ طرح اوھين جيڪي زبان سان ڳالھائيندا سو جيستائين سمجھہ ۾ نہ ايندو، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوھين ڇا ٿا ڳالھايو، ڄڻ تہ اوھين ھوا سان ٿا ڳالھايو. [١٠] بيشڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون آھن، پر تن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آھي. [١١] جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس. [١٢] سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي. [١٣] ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي. [١٤] ڇالاءِجو جيڪڏھن آءٌ ڪنھن عجيب ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منھنجو روح تہ دعا گھرندو پر عقل بيڪار رھندو. [١٥] تڏھن آءٌ ڇا ڪندس؟ آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ عقل سان بہ. آءٌ روح سان بہ ڳائيندس ۽ عقل سان بہ. [١٦] پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻتہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو. [١٧] جيتوڻيڪ تون تہ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ٿو ڪرين پر ھن ٻئي جو تہ ڪوبہ سڌارو نہ ٿو ٿئي. [١٨] آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان. [١٩] پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏھہ ھزار عجيب ٻوليءَ وارا لفظ ڳالھائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالھائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان. [٢٠] اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو. [٢١] شريعت ۾ لکيل آھي تہ ”آءٌ ھن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻھن جي واتان ڳالھائيندس، تہ بہ ھو منھنجي نہ ٻڌندا.“ ھي خداوند فرمائي ٿو. [٢٢] تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي. [٢٣] تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟ [٢٤] پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو. [٢٥] سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“ [٢٦] تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن. [٢٧] عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي. [٢٨] پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان. [٢٩] جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي. [٣٠] پر جيڪڏھن ڪنھن ويٺل تي خدا جو پيغام ظاھر ٿئي تہ ڳالھائيندڙ بس ڪري کيس ڳالھائڻ ڏئي. [٣١] اھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي ھڪ ھڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي ھمتافزائي ٿئي. [٣٢] خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن. [٣٣] ڇالاءِجو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي. [٣٤] ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي. [٣٥] جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي. [٣٦] ڇا خدا جو ڪلام اوھان کان شروع ٿي ھليو آھي؟ يا اھو رڳو اوھان وٽ ئي پھتو آھي؟ [٣٧] جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن. [٣٨] پر جيڪڏھن ڪو اھا ڳالھہ نہ ٿو مڃي تہ کيس نہ مڃجي. [٣٩] تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۾ دل لڳايو ۽ عجيب ٻوليون ڳالھائڻ کان منع نہ ڪريو. [٤٠] پر سڀ ڪجھہ چڱيءَ طرح ۽ ترتيب سان ھجڻ گھرجي. Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society