[٢٧] پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري. [٢٨] اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس. [٢٩] منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِجو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو، [٣٠] ڇالاءِجو منھنجي پاڃاري سولي آھي ۽ منھنجو بار ھلڪو آھي.“
[٦٣] زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ. [٦٤] تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. [٦٥] ھن وڌيڪ چيو تہ ”انھيءَ سبب ڪري تہ مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“
اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.
[٧] اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ [٨] ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي، پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري. [٩] ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، ڇالاءِجو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“
[١٣] ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو. [١٤] جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِجو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي. [١٥] آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ [١٦] پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.
[٦] پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ [٧] تنھنڪري پاڻ کي خدا جي تابع رکو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ ھو اوھان وٽان ڀڄي ويندو. [٨] خدا جي ويجھو وڃو تہ ھو اوھان جي ويجھو ايندو. اي گنھگارو! پنھنجا ھٿ ڌوئو. اي ٻہدليؤ! پنھنجين دلين کي پاڪ ڪريو.
تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.
آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.
[١] تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي. [٢] ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.
جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابتقدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.
آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن.
[٤٤] ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس. [٤٥] نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.
[٣٧] عيد جو آخري ڏينھن، جيڪو خاص ڏينھن آھي، انھيءَ ڏينھن تي عيسيٰ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز سان چيائين تہ ”جيڪو بہ اڃايل آھي، سو ڀلي مون وٽ اچي پيئي. [٣٨] جيڪو بہ مون تي ايمان آڻيندو، تنھن لاءِ لکيل آھي تہ ’سندس اندر مان زندگيءَ جي پاڻيءَ جون نديون وھنديون.‘“ [٣٩] ھن اھا ڳالھہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انھن ماڻھن کي ملڻو ھو جن مٿس ايمان آندو ھو. پر انھن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو ھو، ڇالاءِجو عيسيٰ جو جلوو اڃا ظاھر نہ ٿيو ھو.
[١٤] تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون. [١٥] ڇالاءِجو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بيگناھہ ثابت ٿيو. [١٦] تنھنڪري اچو تہ دليريءَ سان فضل واري تخت کي ھلي ويجھا ٿيون، تہ جيئن اسان تي رحم ٿئي ۽ اسين اھو فضل حاصل ڪريون جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.
[١٦] عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“ [١٧] پاڪ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اچ“ ۽ ھر ٻڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آھي سو ڀلي اچي ۽ جنھن جي مرضي ھجي سو آبِحيات مفت پيئي.
جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.