Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work God: [Viruses / Diseases] يسعياہ ٢٦:٢٠يرمياہ ٢٥:٣٢-٣٣2 تواريخ ٧:١٣-١٤مڪاشفو ٦:٣-٨[٣] جڏھن گھيٽي ٻي مُھر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ [٤] ايتري ۾ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو ڳاڙھو ھو. ان جي سوار کي ھي اختيار ڏنو ويو تہ ھو زمين تي صلح کي رھڻ نہ ڏئي، تہ جيئن ماڻھو ھڪٻئي کي ماري ڇڏين. انھيءَ مقصد لاءِ ھن کي ھڪ وڏي تلوار ڏني ويئي. [٥] جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي. [٦] مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“ [٧] جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“ [٨] ۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين. 1 سموئيل ٥:٦2 ڪرنٿين ٤:٧پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي.خروج ٢٠:٣يعقوب ٤:١٠خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي سربلند ڪندو.متي ٦:٢٤”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.فلپين ٤:٦ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.زبور ١٠٣:٢-٣ڳاڻاٽو ١١:٣١-٣٣خروج ٩:٨-١١يعقوب ١:٢-٦[٢] اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏھن انھيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ ڪري سمجھو. [٣] ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي. [٤] انھيءَ صبر کي پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوھان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪمي نہ رھي. [٥] جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِجو خدا سڀني کي بيانداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي. [٦] پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِجو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي. مڪاشفو ٩:١٥-١٩[١٥] پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا. [١٦] مون ٻڌو تہ گھوڙي سوارن جو تعداد ويھہ ڪروڙ ھو. [١٧] مون رويا ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي زرھن جو رنگ ڄڻ تہ باھہ وانگر ڳاڙھو، نيرو ۽ گندرف جھڙو پيلو ھو. انھن گھوڙن جا منھن شينھن جي منھن جھڙا ھئا ۽ سندن وات مان باھہ، دونھون ۽ گندرف پئي نڪتو. [١٨] اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو. [١٩] انھن گھوڙن جو زور سندن واتن ۽ پڇن ۾ ھو، ڇالاءِجو انھن جا پڇ نانگن جھڙا ھئا ۽ انھن پڇن ۾ سسيون بہ ھيون جن سان ھنن ايذاءُ ٿي رسايو. مرقس ١٣:٣٢-٣٧[٣٢] اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘ [٣٣] تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇالاءِجو اوھان کي خبر نہ آھي تہ گھر جو مالڪ ڪڏھن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مھل يا صبح جو اچي. [٣٤] ائين نہ ٿئي تہ متان ھو اوچتو اچي ۽ اوھان کي ستل ڏسي. [٣٥] جيڪي آءٌ اوھان کي چوان ٿو سو سڀني کي چوان ٿو تہ سجاڳ رھجو.“ [٣٦] فصح ۽ بيخميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون. [٣٧] پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن ائين نہ ڪريون، متان ماڻھن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“ زبور ٩١:٢-١٤لوقا ٢١:٥-٣٨[٥] ڪي ماڻھو ھيڪل بابت چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙن نہ سھڻن پٿرن ۽ نذرانن جي سوکڙين سان سينگاريل آھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيو تہ [٦] ”ڪو وقت ايندو تہ جيڪي ھي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو، جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“ [٧] انھن پڇيس تہ ”استاد، اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون؟ اھا ڪھڙي نشاني آھي جنھن مان خبر پوي تہ انھن ڳالھين جي ٿيڻ جو وقت اچي پھتو آھي؟“ [٨] عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ. [٩] بلڪ جڏھن اوھين جنگين ۽ فسادن بابت ٻڌو تڏھن گھٻرائجو نہ، ڇوتہ اھي ڳالھيون پھريائين ضرور ٿينديون، پر پڄاڻي ھڪدم ڪين ايندي.“ [١٠] پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”قوم، قوم سان وڙھندي. بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. [١١] وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا. [١٢] پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادتخانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو. [١٣] ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ھڪ موقعو ملي ويندو. [١٤] تنھنڪري پنھنجن دلين ۾ پڪو پھہ ڪريو تہ اوھين جواب ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ڪابہ ڳڻتي نہ ڪندا. [١٥] ڇاڪاڻتہ آءٌ اوھان کي اھڙي زبان ۽ اھڙو عقل ڏيندس جو اوھان جا ڪيبہ دشمن اوھان سان مقابلو يا انڪار ڪري نہ سگھندا. [١٦] اوھان جا ماءُپيءُ، ڀائر، مٽ مائٽ ۽ اوھان جا سڄڻ بہ اوھان کي پڪڙائيندا، بلڪ اوھان مان ڪن کي تہ مارائي بہ ڇڏيندا. [١٧] منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. [١٨] پر اوھان جو ڪو وار بہ ونگو نہ ٿيندو. [١٩] پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“ [٢٠] ”جڏھن اوھين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آھي، تڏھن ڄاڻجو تہ سندس تباھيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آھي. [٢١] پوءِ جيڪي يھوديہ ۾ ھجن، سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. جيڪي شھرن جي وچ ۾ ھجن سي ٻاھر نڪري وڃن ۽ جيڪي ٻھراڙيءَ ۾ ھجن سي اندر شھر ۾ نہ گھڙن. [٢٢] ڇالاءِجو اھي وير وٺڻ جا ڏينھن ٿيندا، تہ جيئن جيڪي ڳالھيون لکيل آھن سي سڀيئي پوريون ٿين. [٢٣] افسوس آھي انھن عورتن تي جيڪي انھن ڏينھن ۾ پيٽ سان ھونديون يا ٻار ٿڻن تي ھوندن، ڇالاءِجو ھن ملڪ تي وڏي آفت ايندي ۽ ھن قوم تي غضب نازل ٿيندو. [٢٤] انھن مان ڪي تلوار سان قتل ٿيندا ۽ ڪي ٻين ملڪن ۾ قيدي ٿي ويندا. يروشلم کي غير قومون لتاڙينديون، جيستائين انھن جو مدو پورو نہ ٿئي.“ [٢٥] ”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو. [٢٦] جيڪي آفتون زمين تي نازل ٿيڻيون آھن، انھن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻھن جون دليون دھلجي وينديون، ڇالاءِجو آسماني گرھہ ۽ سيارہ ڏڪي ويندا. [٢٧] پوءِ ھو ابنآدم کي وڏي قوت ۽ جلوي سان ھڪڙي ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا. [٢٨] جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“ [٢٩] عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”انجير جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڏسو. [٣٠] جيئن ئي انھن ۾ پن اچن ٿا تہ اوھين سواءِ ٻڌائڻ جي ڄاڻي ٿا وٺو تہ اونھارو آيو ڪي آيو. [٣١] تھڙيءَ طرح جڏھن اوھين اھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو تہ سمجھو تہ خدا جي بادشاھت اچڻ واري آھي. [٣٢] آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي. [٣٣] زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“ [٣٤] ”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابنآدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي. [٣٥] ڇالاءِجو اھو ڄار وانگر سڄي دنيا جي رھاڪن تي اچي ڪڙڪندو. [٣٦] ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابنآدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“ [٣٧] ھو ڏينھن جو روزانو ھيڪل ۾ تعليم ڏيندو ھو ۽ رات جو ٻاھر نڪري زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو ھو. [٣٨] سڀيئي ماڻھو صبح جو سوير اٿي ھيڪل ۾ سندس ڳالھيون ٻڌڻ ايندا ھئا. متي ٢٤:١-٣٥[١] عيسيٰ ھيڪل مان نڪتو پئي تہ سندس شاگرد وٽس آيا تہ جيئن کيس ھيڪل جون عمارتون ڏيکارين. [٢] ھن چيو تہ ”برابر، ھي سڀ شيون چڱيءَ طرح ڏسو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“ [٣] عيسيٰ جڏھن زيتون جي ٽڪر تي ويٺو ھو تڏھن سندس شاگرد نويڪلائيءَ ۾ وٽس آيا. انھن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اھي ڳالھيون ڪڏھن ٿينديون ۽ اوھان جي بادشاھت اچڻ جي ۽ ھن دنيا جي پڄاڻيءَ جي ڪھڙي نشاني ٿيندي؟“ [٤] عيسيٰ وراڻيو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي، [٥] ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٺڳيندا. [٦] اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِجو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي. [٧] قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. [٨] پر اھي سڀ ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات ھونديون. [٩] پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. [١٠] ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا. [١١] ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا. [١٢] بڇڙائي وڌي ويندي، تنھنڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو. [١٣] پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. [١٤] بادشاھت جي ھن خوشخبريءَ جي منادي سڄي دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاھدي ٿئي. تنھن کان پوءِ ھن دنيا جي پڄاڻي ٿيندي.“ [١٥] ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي مقدس جاءِ ۾ بيٺل ڏسو، جنھن بابت دانيال نبي ٻڌائي ويو آھي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) [١٦] تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن. [١٧] جيڪو ماڻھو ڪوٺي جي ڇت تي ھجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي پنھنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي، [١٨] ۽ جيڪو ماڻھو ٻنيءَ ۾ ھجي سو بہ گھر ڏانھن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. [١٩] انھن ڏينھن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. [٢٠] خدا کان دعا گھرو تہ شل اوھان جو ڀڄڻ سياري ۾ يا سبت جي ڏينھن نہ ٿئي. [٢١] ڇالاءِجو ان وقت وڏي مصيبت ايندي، اھڙي مصيبت جيڪا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينھن تائين نڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. [٢٢] سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو. [٢٣] پوءِ جيڪڏھن ڪو اوھان کي چوي تہ ’اِجھو، مسيح ھيڏانھن آھي،‘ يا ’مسيح ھوڏانھن آھي،‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، [٢٤] ڇالاءِجو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن. [٢٥] ڏسو، مون اڳ ۾ ئي اوھان کي اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي. [٢٦] يا جيڪڏھن ھو اوھان کي چون تہ ’ڏسو، ھو رڻپٽ ۾ آھي‘ تہ متان ٻاھر نڪتا آھيو يا وري ھو چون تہ ’اِجھو، ھو اندرين ڪمري ۾ لڪل آھي‘ تہ يقين نہ ڪجو. [٢٧] ڇالاءِجو ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ ان کنوڻ وانگر ٿيندو، جيڪا سڄي آسمان ۾ اوڀر کان اولھہ تائين چمڪندي آھي. [٢٨] جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“ [٢٩] ”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون. [٣٠] پوءِ ابنآدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابنآدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون. [٣١] تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“ [٣٢] ”انجير جي وڻ مان اوھين سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو. [٣٣] ساڳيءَ طرح جڏھن اوھين ھي سڀ ڳالھيون ٿيندي ڏسو تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھو تہ در تي اچي بيٺو آھي. [٣٤] آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اِھي سڀيئي ڳالھيون پوريون نہ ٿينديون، تيستائين ھيءَ پيڙھي پوري نہ ٿيندي. [٣٥] زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society