[٣٧] پر جنھن اسان کي پيار ڪيو، تنھن جي وسيلي انھن سڀني ڳالھين ۾ اسان جي مڪمل فتح آھي. [٣٨] ڇالاءِجو مون کي يقين آھي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال جون ۽ نہ مستقبل جون شيون، نہ طاقتون، [٣٩] نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ ٻي ڪا مخلوق اسان کي خدا جي انھيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليو آھي.
[٨] ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي. [٩] اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين.
[١٠] مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو. [١١] خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو. [١٢] ڇالاءِجو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا. [١٣] تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو. [١٤] تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو. [١٥] پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو. [١٦] انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو. [١٧] ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.
پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.