Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Good Character: [Acceptance] 1 ڪرنٿين ٥:١١-١٣[١١] دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بتپرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو. [١٢] جيڪي ڌاريا آھن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ پر اوھين رڳو پنھنجن مان بڇڙائي ڪندڙ تي فتويٰ ڏيو. [١٣] ڇالاءِجو ڌارين تي خدا پاڻ فتويٰ ڏيندو. پر ”اوھين پنھنجي ٽولي مان انھيءَ بڇڙي ماڻھوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“جيئن پاڪ لکت ۾ آھي. 1 يوحنا ١:٩پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.1 پطرس ٣:٨-٩[٨] مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو. [٩] بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِجو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو. يوحنا ٣:١٦ڇالاءِجو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.مثل ١٣:٢٠رومين ٢:١١ڇالاءِجو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.رومين ٥:٨پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.رومين ٨:٣١انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟رومين ١٤:١-٢[١] جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو. [٢] ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. عبرانين ١٠:٢٤-٢٥[٢٤] اچو تہ اسين محبت ۽ چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو خيال رکون. [٢٥] اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو. يوحنا ٦:٣٥-٣٧[٣٥] عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي. [٣٦] مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ مون کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. [٣٧] جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس. ڪلسين ٣:١٢-١٤[١٢] تنھنڪري جيئن خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آھيو، تيئن رحمدليءَ، مھربانيءَ، نِوڙت، حليمائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو. [١٣] جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو. [١٤] انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي. متي ٥:٣٨-٤٢[٣٨] ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ [٣٩] پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو. [٤٠] جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. [٤١] جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ. [٤٢] جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“ متي ٢٥:٣٤-٤٠[٣٤] پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي. [٣٥] ڇالاءِجو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو. [٣٦] آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘ [٣٧] تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟ [٣٨] ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟ [٣٩] ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘ [٤٠] بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘ رومين ١٥:١-٧[١] اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن. [٢] اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي. [٣] ڇالاءِجو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ [٤] ڇاڪاڻتہ جيڪيبہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي. [٥] صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوھان کي ھيءَ توفيق ڏئي جو اوھين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪري پاڻ ۾ ايڪي سان رھو، [٦] انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين يڪدل ۽ يڪزبان ٿي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ڪريو. [٧] سو جيئن مسيح اوھان کي قبول ڪيو تيئن اوھين بہ ھڪ ٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ڪئي وڃي. رومين ١٤:١٠-١٩[١٠] تہ پوءِ تون پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ تي تھمت ڇو ٿو ھڻين؟ يا وري پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ ڇالاءِجو اسين سڀ خدا جي آڏو حاضر ٿينداسين ۽ اھو ئي فيصلو ڪندو. [١١] جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“ [١٢] اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو. [١٣] تنھنڪري اسان کي گھرجي تہ ھڪ ٻئي تي تھمت نہ ھڻون، بلڪ اسان تي اھو فرض آھي تہ اسان مان ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڪا اھڙي ڳالھہ نہ ڪري جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراھہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي. [١٤] آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آھي تہ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا خود ناپاڪ آھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ فلاڻي شيءِ ناپاڪ آھي، تہ پوءِ اھا انھيءَ جي لاءِ ناپاڪ آھي. [١٥] جيڪڏھن تنھنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنھنجي ڀاءُ کي رنج پھچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو ھلين. جنھن شخص جي خاطر مسيح پنھنجي جان ڏني تنھن کي تون پنھنجي کاڌي جي ڪري برباد نہ ڪر. [١٦] اھو خيال رک تہ جنھن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنھن کي ٻيا خراب نہ سمجھن. [١٧] ڇالاءِجو خدا جي بادشاھت کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اھا سچائيءَ، ميل ميلاپ ۽ انھيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آھي جيڪا پاڪ روح جي طرفان آھي. [١٨] جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي. [١٩] پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون. Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society