Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Good Character: [Hospitality] عبرانين ٣:٢ھو پنھنجي مقرر ڪرڻ واري سان اھڙو وفادار رھيو، جھڙو موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار ھو.يسعياہ ٥٨:٧1 تيمٿيس ٥:١٠اھا چڱن ڪمن ڪرڻ ڪري مشھور ھجي، ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مھماننوازي ڪئي ھجائين. ھن ايمان وارن جا پير ڌوتا ھجن، ڏکويلن جي مدد ڪئي ھجائين ۽ سڀني چڱي قسم جي ڪمن لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھجائين.طيطس ١:٨اٽلندو ھو مھماننواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ھجي.1 پطرس ٤:٨-٩[٨] سڀ کان وڌيڪ اھم ڳالھہ ھيءَ آھي تہ ھڪ ٻئي سان گھڻي محبت رکو، ڇالاءِجو محبت گھڻن ئي گناھن کي ڍڪي ٿي ڇڏي. [٩] بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھماننوازي ڪريو. رسولن جا ڪم ١٦:٣٣-٣٤[٣٣] رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. [٣٤] ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻتہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو. اوي سرشتو ١٩:٣٣-٣٤لوقا ١٤:٧-١٤[٧] جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ [٨] ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس. [٩] پوءِ جنھن اوھان ٻنھي کي شاديءَ جي دعوت ڏني ھجي، اھو تو وٽ اچي چوي تہ ’تون ھن ماڻھوءَ کي جاءِ ڏي،‘ تہ تو کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي ويھڻو پوندو. [١٠] پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين. [١١] ڇالاءِجو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ٿيندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ [١٢] پوءِ جنھن ماڻھوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني ھئي، تنھن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏھن بہ دعوت ڪرين، يا سڏ ڏئين تہ پنھنجن دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاھوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏي، ڇاڪاڻتہ متان اھي بہ تو کي دعوت ڏيئي پلئُہ پاڙي ڇڏين. [١٣] پر جڏھن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن، ٽُنڊن ۽ انڌن کي ڪوٺ ڏج، [١٤] تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇالاءِجو انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جنھن سان تنھنجو پلئُہ پاڙين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ملندو.“ متي ٢٥:٣٤-٤٦[٣٤] پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي. [٣٥] ڇالاءِجو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو. [٣٦] آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘ [٣٧] تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟ [٣٨] ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟ [٣٩] ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘ [٤٠] بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘ [٤١] پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. [٤٢] ڇالاءِجو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو. [٤٣] جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘ [٤٤] پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘ [٤٥] تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو. [٤٦] پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“ رومين ١٢:١٣-٢٠[١٣] ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو. [١٤] جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو. [١٥] جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. [١٦] پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو. [١٧] جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون. [١٨] جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اوھين پنھنجي وس آھر سڀني ماڻھن سان صلح ۾ رھو. [١٩] اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِجو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ [٢٠] اھو بہ لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن تنھنجو دشمن بکايل آھي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آھي تہ کيس پيار، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ سان تون ھن کي شرمسار ڪندين.“ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society