جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِجو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
[٨] ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪيبہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون درست آھن، جيڪيبہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪيبہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو. [٩] جيڪيبہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.
[١٠] جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي. [١١] ھو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. ھو صلح کي ڳولي لھي ۽ انھيءَ جي ڪڍ لڳي. [١٢] ڇالاءِجو خداوند جون اکيون سچارن تي آھن ۽ سندس ڪن انھن جي التجا تي. پر جيڪي بدي ڪن ٿا، خدا انھن کان منھن موڙي ٿو.“