Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Good Character: [Contentment] متي ٦:٢٥-٣٣[٢٥] تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟ [٢٦] پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟ [٢٧] ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان ھڪڙو منٽ بہ حياتيءَ جو وڌائي سگھندو؟ [٢٨] اوھين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا اڀرن. اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. [٢٩] پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو. [٣٠] جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي! [٣١] سو اوھين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پھرينداسين؟‘ [٣٢] غير قومون ئي تہ انھن شين جون ڳولائو ھونديون آھن. اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ھي سڀ شيون گھرجن. [٣٣] پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون. 2 ڪرنٿين ١١:٢٣-٢٥[٢٣] ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان. [٢٤] مون يھودين جي ھٿان پنج دفعا اوڻيتاليھہ اوڻيتاليھہ چھبڪ کاڌا. [٢٥] ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، ھڪ دفعو پٿر ھنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جھاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن وچ سمنڊ ۾ گذاريم. فلپين ٤:١٢-١٣[١٢] آءٌ اڻھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو. [١٣] خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان. عبرانين ١٣:٥پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِجو خدا پاڻ چيو آھي تہ ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس، ۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“1 تيمٿيس ٦:٦-٧[٦] بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي. [٧] ڇالاءِجو اسان دنيا ۾ نہ ڪجھہ آندو آھي ۽ نہ ئي ڪجھہ منجھانئس کڻي وڃي ٿا سگھون. لوقا ١٢:١٥پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِجو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“2 ڪرنٿين ١٢:١٠سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بيعزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِجو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.زبور ٣٧:٣-٤1 تيمٿيس ٦:١٠-١١[١٠] ڇالاءِجو پيسي سان پيار رکڻ، ھر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آھي. ڪي ماڻھو پيسي جا طلبگار ٿي ايمان کان گمراھہ ٿي ويا ۽ طرح طرح جي ڏکن ۾ پاڻ کي وڪوڙي ڇڏيائون. [١١] پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ. مثل ١٦:٨مثل ٢٨:٦واعظ ٣:١٣ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society