Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Life: [Pain] يرمياہ ٢٩:١١زبور ٣٤:١٨زبور ١٤٧:٣مڪاشفو ٢١:٤ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِجو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“متي ٤:٢٣-٢٥[٢٣] عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو. [٢٤] سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. [٢٥] سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا. زبور ٢٣:١-٦2 ڪرنٿين ١:٣-٨[٣] ساراھہ ٿي ڪجي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي، جيڪو رحم وارو پيءُ ۽ پوريءَ طرح دلداري ڏيندڙ خدا آھي. [٤] ھو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل انھيءَ تسليءَ سان انھن کي دلداري ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنھن مصيبت ۾ آھن. [٥] جيئن مسيح جا ڏک اسانجين زندگين ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان جي دلداري بہ حد کان وڌي وڃي ٿي. [٦] جيڪڏھن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اھا اوھان جي دلداري ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آھي. وري جيڪڏھن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اھا بہ اوھان جي ئي لاءِ آھي. اھا دلداري اوھان کي صبر سان ساڳين ڏکن کي سھڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سھون ٿا. [٧] اسان کي اوھان لاءِ پڪي اميد آھي، ڇوجو اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين جيئن اسان جي ڏکن ۾ شريڪ رھو ٿا تيئن اسان جي دلداريءَ ۾ بہ شريڪ رھندا. [٨] اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بيخبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون. 1 پطرس ٤:١٢-١٩[١٢] اي پيارا دوستو! مصيبت جي باھہ جيڪا اوھان جي آزمائش لاءِ اوھان تي آئي آھي، تنھن بابت تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالھہ اوھان تي اچي پيئي آھي. [١٣] پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو. [١٤] جيڪڏھن مسيح جي نالي جي ڪري اوھان کي بيعزت ڪيو ٿو وڃي تہ اوھين سڀاڳا آھيو، ڇالاءِجو خداءِذوالجلال جي روح جي اوھان تي ڇانوَ آھي. [١٥] ائين نہ ٿئي جو اوھان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دستاندازي ڪندڙ ٿي ڏک سھي. [١٦] پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو مسيحي ھئڻ سببان ڏک سھي تہ شرمندو نہ ٿئي، بلڪ انھيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رھي. [١٧] ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟ [١٨] جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن سچار کي ئي وڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو، تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“ [١٩] تنھنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب ڏک ٿا سھن، سي نيڪي ڪرڻ سان پنھنجيون جانيون سچي خالق جي حوالي ڪن. يوحنا ١٦:١٦-٢٤[١٦] ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“ [١٧] تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘ [١٨] انھيءَ ٿوريءَ دير جو مطلب ڇا آھي؟ اسان کي تہ انھن ڳالھين جي خبر نہ ٿي پوي.“ [١٩] عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘ [٢٠] آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين روئندا ۽ پٽيندا پر دنيا خوش ٿيندي. اوھان کي ڏک ٿيندو پر اوھان جو ڏک خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. [٢١] جڏھن عورت ٻار ڄڻڻ تي ھوندي آھي تڏھن ھوءَ سورن ۾ ھوندي آھي، ڇالاءِجو اھا ھن جي لاءِ سورن جي گھڙي آھي. پر جڏھن ٻار ڄڻيندي آھي تڏھن کانئس سڀ سور وسري ويندا آھن، ڇالاءِجو ھوءَ خوش ٿيندي آھي تہ ھن ھڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آھي. [٢٢] اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو. [٢٣] جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا. [٢٤] ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“ عبرانين ١٢:١-١١[١] جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابتقدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي. [٢] اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. [٣] انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو. [٤] اوھان گناھہ جي خلاف وڙھڻ ۾ اڃا تائين اھڙو مقابلو نہ ڪيو آھي جو اوھان جو رت وھايو ويو ھجي. [٥] اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري، تڏھن ھمت نہ ھار. [٦] جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي، تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي، تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“ [٧] انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِجو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟ [٨] پر جيڪڏھن اوھان کي اھا سيکت نہ ڏبي، جيڪا ھر ڪو ٻار ٿو سھي، تڏھن اوھين حرامزادا ٿيا، نڪي سچا ٻار. [٩] تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟ [١٠] اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون. [١١] ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو. رومين ٨:١٨-٢٨[١٨] آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسان ھن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انھيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جيڪو اسان تي نازل ٿيڻ وارو آھي. [١٩] سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي. [٢٠] ڇالاءِجو مخلوقات مايوسيءَ جي تابع ڪئي ويئي، پنھنجي مرضيءَ سان نہ، پر خدا جي مرضيءَ سان. تنھن ھوندي بہ کيس اھا اميد ڏني ويئي [٢١] تہ مخلوقات فنا جي غلاميءَ کان ڇٽي پوندي ۽ خدا جي ٻارن جي شاندار آزاديءَ ۾ داخل ٿيندي. [٢٢] اسان کي خبر آھي تہ سڄي مخلوقات ھن وقت تائين پيئي ڪنجھي ۽ سور کائي. [٢٣] نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ جن کي پاڪ روح خدا جي پھرين بخشش ٿي مليو آھي، سي بہ پنھنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون ۽ خدا جا ٻار ٿيڻ يعني پنھنجي بدن جي ڇوٽڪاري جي انتظار ۾ ويٺا آھيون. [٢٤] سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟ [٢٥] پر جيڪڏھن اسين اھڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسي نہ ٿا سگھون، تہ پوءِ ان جو صبر سان انتظار ٿا ڪريون. [٢٦] ساڳيءَ طرح پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري، ڇوتہ اسان کي خبر نہ آھي تہ ڇا جي لاءِ ۽ ڪھڙيءَ طرح دعا گھرون. پر پاڪ روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري. [٢٧] خدا دلين جو مالڪ آھي، سو ھو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح جو ارادو ڪھڙو آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح خدا جي مرضيءَ موجب سندس قوم جي شفاعت ٿو ڪري. [٢٨] اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني شين ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آھن. زبور ٩١:١-١٦ Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society