[٣] اوھان جو سينگار، وارن ڳتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدن ڪپڙن ڍڪڻ وارو ظاھري سينگار نہ ھئڻ گھرجي. [٤] ان جي بدران اوھان جي باطني انسانيت، حليم ۽ غريب طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل ھجي. خدا جي نظر ۾ انھيءَ جو وڏو قدر آھي.
تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون.
ڇالاءِجو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.
جيڪڏھن ڪنھن جي نيت انساني فطرت جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو موت آھي. پر جي ڪنھن جي نيت پاڪ روح جي اثر ھيٺ آھي تہ نتيجو زندگي ۽ سلامتي آھي.
[٢٨] اوھين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا اڀرن. اھي نڪي پورھيو ڪن ۽ نہ ڪتين. [٢٩] پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي انھن جھڙو ھڪ بہ ويس پھريل نہ ھو.
[٩] ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان. [١٠] بلڪ اھي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انھن عورتن کي مناسب آھي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.
[٢٦] ڇالاءِجو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا جا ٻار آھيو. [٢٧] انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.
ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪلام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پنھنجي ظاھري شڪل آئيني ۾ ٿو ڏسي.
”مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو،