Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Math Signs: [Number ٥] مڪاشفو ١٣:٥-١٨[٥] انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي. [٦] ھن پنھنجو وات کوليو ۽ خدا ۽ سندس نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رھڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. [٧] انھيءَ کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ھو خدا جي قوم سان جنگ ڪري کيس شڪست ڏئي. ھن کي سڀني قبيلن، اُمتن، ٻولين ۽ قومن تي بہ اختيار ڏنو ويو. [٨] زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي. [٩] جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي. [١٠] جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان. [١١] پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو. [١٢] انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو. [١٣] ھُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻھن جي سامھون آسمان مان زمين تي باھہ ٿي وسايائين. [١٤] اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو. [١٥] انھيءَ ٻئي حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي بوتي ۾ روح ڦوڪي وجھي، تہ جيئن اھو بت ڳالھائي ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ بت جي پوڄا نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي. [١٦] ھن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندن ساڄي ھٿ يا پيشانيءَ تي ھڪڙو نشان ھڻائي ڇڏيو. [١٧] ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد. [١٨] انھيءَ ڳالھہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي سياڻپ جي ضرورت آھي، جنھن کي سمجھہ آھي، سو انھيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻتہ اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو عدد آھي ۽ اھو عدد ڇھہ سؤ ڇاھٺ آھي. متي ١٩:٩آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“مڪاشفو ١١:٢-٣[٢] پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻتہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا. [٣] آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“ متي ٥:٣٢پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“2 تيمٿيس ٣:١٦ھر ڪا پاڪ لکت الھامي آھي ۽ اھا تعليم ڏيڻ، تنبيھہ ڪرڻ، سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آھي.مڪاشفو ٤:٦-٨[٦] تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون. [٧] پھريون ساھوارو شينھن جھڙو ھو، ٻيو گابي جھڙو، ٽئين جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ھو ۽ چوٿون ساھوارو اڏامندڙ عقاب جھڙو ھو. [٨] انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“ ڳاڻاٽو ٥:١١-٣١1 بادشاهہ ٧:٢٣شريعت جو دور ٦:٤ملاڪيءَ ٣:١٠زبور ١٠٤:٩پيدائش ٦:١٢پيدائش ٧:٢٠پيدائش ٨:٥-٩پيدائش ٩:١١پيدائش ١:٣١پيدائش ٣:١٥1 ڪرنٿين ١٠:١٣سمجھدار ماڻھو سمجھي آءٌ اوھان سان ٿو ڳالھايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن کي جاچي ڏسو.خروج ٢٠:١٣ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society