هڪ موضوع تي بائيبل جون آيتون

موضوع
خدا
سٺو ڪردار
خراب ڪردار
گناهه
زندگي
چرچ
اسرار
ملائڪ ۽ شيطان
رياضي جون نشانيون
اضافي
اسرار: [غير ملڪي]
ڇالاءِ⁠جو ھن جي وسيلي سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ پيدا ڪيون ويون. تخت ھجن توڙي طاقتون، حڪومتون ھجن توڙي اختياريون، سموريون شيون ھن جي وسيلي ۽ ھن جي لاءِ پيدا ٿيون آھن.
تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھم⁠وطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو.
ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.
اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.
مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.
اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.
آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي.
تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو! اوھين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوھان لاءِ افسوس آھي، ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوھان ڏانھن لھي آيو آھي، انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“
پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا.
[٧] اھي مڪڙ ائين نظر اچي رھيا ھئا، جھڙا جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. انھن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جھڙا تاج ھئا ۽ سندن منھن انسانن جھڙا ھئا. [٨] انھن جا وار عورتن جھڙا ھئا ۽ سندن ڏند شينھن جي ڏندن جھڙا ھئا. [٩] انھن وٽ لوھہ جھڙيون زرھون ھيون ۽ سندن پرن جي آواز مان ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاھي پيا ھجن. [١٠] انھن جا پڇ ۽ ڏنگ وِڇن جھڙا ھئا ۽ انھن جي پڇن ۾ ماڻھن کي پنجن مھينن تائين ايذاءُ رسائڻ جي طاقت ھئي. [١١] اوڙاھہ وارو ملائڪ انھن جو بادشاھہ ھو. انھيءَ جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آھي، جن جي معنيٰ آھي ”ناس ڪندڙ.“
Sindhi Common Bible 2009
© 2009 Pakistan Bible Society