هڪ موضوع تي بائيبل جون آيتون

موضوع
خدا
سٺو ڪردار
خراب ڪردار
گناهه
زندگي
چرچ
اسرار
ملائڪ ۽ شيطان
رياضي جون نشانيون
اضافي
گناهه: [اسقاط حمل]
پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.
پر خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنھنجي فضل سان سڏيو. سو جڏھن ان جي مرضي ٿي
اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا.
[٦] جڏھن ھو بيت⁠لحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. [٧] ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ⁠تہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
[٣] اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي. [٤] ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.
[١٩] اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي، [٢٠] ڇالاءِ⁠جو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.
[٤١] جڏھن اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي. [٤٢] ھوءَ وڏي واڪي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڳوري آھين ۽ سڳورو آھي اھو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ. [٤٣] مون تي اھڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منھنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ ھلي آئي آھي؟ [٤٤] ڏس، جڏھن تنھنجي سلام جو آواز منھنجي ڪنن تي پيو، تڏھن ٻار منھنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو.
Sindhi Common Bible 2009
2009 Pakistan Bible Society