Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Sins: [Hate] 1 يوحنا ١:٦پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.1 يوحنا ٢:٩-١٧[٩] جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آھيان.“ پر پنھنجي ھمايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداھيءَ ۾ آھي. [١٠] جيڪو پنھنجي ھمايمان سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رھي ۽ ھن ۾ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا کيس گمراھہ ڪري. [١١] پر جيڪو پنھنجي ھمايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻتہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. [١٢] اي منھنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ ٿو لکان، جو مسيح جي نالي جي ڪري اوھان جا گناھہ معاف ڪيا ويا آھن. [١٣] اي پوڙھؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو. [١٤] اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو. [١٥] نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انھن شين سان جيڪي دنيا جون آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي دنيا سان پيار آھي تہ انھيءَ ۾ پيءُ جو پيار ڪونہ آھي. [١٦] ڇاڪاڻتہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آھي، يعني خراب انساني خواھش، نظر جو گناھہ، دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آھن پر دنيا جي طرفان آھن. [١٧] دنيا ۽ سندس موھيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب ھلي ٿو تنھن کي دائمي زندگي ملي ٿي. افسين ٤:٣١ھر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، گوڙ ۽ گلا کي ھر طرح جي بدخواھيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.مثل ٨:١٣-٢٥مثل ١٠:١٢-١٨زبور ٥:٥زبور ٣١:٦زبور ٣٦:٢زبور ٤٥:٧زبور ٩٧:١٠زبور ١١٩:١٦٣رومين ١٢:٩پيار ۾ رياڪاري نہ ھئڻ گھرجي. بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.اوي سرشتو ١٩:١٧-١٨لوقا ٦:٢٧-٢٨[٢٧] ”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. [٢٨] جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بيعزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو. متي ٥:٢٣-٢٤[٢٣] تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربانگاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي، [٢٤] تہ پنھنجو نذرانو اتي قربانگاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ. 1 يوحنا ٣:١٤-١٥[١٤] اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آھيون، ڇالاءِجو اسين پنھنجن ڀائرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آھي. [١٥] جيڪوبہ پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آھي ۽ اوھان کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ خونيءَ کي دائمي زندگي حاصل نہ آھي. 1 يوحنا ٤:١٩-٢٠[١٩] اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي. [٢٠] جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي. واعظ ٣:١-٨ Sindhi Common © 2009 Pakistan Bible Society