|
| سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري. |
|
|
| سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِجو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو. |
|
|
| تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي. |
|
|
| پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو. |
|
|
| ”جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن ڄڻ زنا ڪئي ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري تنھن بہ ڄڻ زنا ڪئي.“ |
|
|
| آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“ |
|
|
| [٢] مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي. [٣] جيڪڏھن اھا عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنھن ٻئي مرد سان لاڳاپا رکي ٿي تہ اھا عورت زناڪار سڏبي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي تہ ھوءَ شريعت موجب آزاد آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن بہ مرد سان شادي ڪري ٿي تہ اھا عورت زناڪار نہ سڏبي. |
|
|
| [١١] عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي، [١٢] ۽ اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنھن ٻئي سان پرڻجي ٿي، تنھن زال بہ ڄڻ زنا ڪئي.“ |
|
|
| [٢٧] ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘ [٢٨] پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو. [٢٩] جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي. [٣٠] جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“ [٣١] ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاقنامو بہ لکي ڏئي.‘ [٣٢] پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“ |
|
|
| [٩] اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِجو نہ حرامڪار، نڪي بتپرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊيباز، [١٠] نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا. [١١] اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا. [١٢] اوھان مان ڪو سمجھي تہ ”سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن.“ ٺيڪ آھي، پر ھر ڪا شيءِ اوھان لاءِ فاعدي واري نہ آھي. جيڪڏھن آءٌ بہ چوان تہ ’سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن،‘ تہ بہ آءٌ ڪنھن بہ شيءِ جو غلام ڪين ٿيندس. [١٣] ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو. [١٤] خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو. [١٥] ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ. [١٦] ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“ |
|
|
| [١٨] ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ [١٩] عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي. [٢٠] تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُپيءُ جي عزت ڪر.‘“ |
|
|
| [٣] سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. [٤] اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي، [٥] يعني شھوت جي جوش ۾ انھن قومن وانگر نہ گذاريو، جيڪي خدا کي نہ ٿيون سڃاڻين. |
|
|
| [٢٠] ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، [٢١] زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي. [٢٢] اھي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ ماڻھوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“ [٢٣] پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو. |
|
|
| [١٧] ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو. [١٨] پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون، [١٩] ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا. [٢٠] اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“ |
|
|
| [٤] عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي استاد! ھيءَ عورت زنا ڪندي پڪڙي ويئي آھي. [٥] شريعت ۾ موسيٰ اسان کي حڪم ڏنو آھي تہ اھڙن کي سنگسار ڪري ڇڏيون. ھاڻي تون ھن بابت ڇا ٿو چوين؟“ [٦] انھن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تھمت ھڻن. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. [٧] جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“ [٨] وري بہ ھو نِوڙي زمين تي پنھنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو. [٩] جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي. [١٠] عيسيٰ ڪنڌ مٿي ڪري انھيءَ عورت کي چيو تہ ”اي مائي! اھي ڪيڏانھن ويا؟ ڇا ھتي ڪوبہ ڪونہ آھي جو تو کي سزا ڏئي؟“ [١١] انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“ |
|
|
| [١] ھاڻي جن ڳالھين بابت اوھان لکي پڇيو آھي، تن مان ھڪڙي ھيءَ آھي تہ ’مرد لاءِ چڱو آھي تہ عورت کي ھٿ بہ نہ لائي.‘ [٢] پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي. [٣] ھر مڙس کي پنھنجيءَ زال جو حق ادا ڪرڻ گھرجي ۽ ساڳيءَ طرح ھر ڪنھن زال کي پنھنجي مڙس جو. [٤] زال پنھنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آھي پر سندس مڙس ۽ ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنھنجي جسم جو مالڪ نہ آھي پر سندس زال. [٥] اوھين ھڪ ٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ جيئن اوھان کي دعا گھرڻ لاءِ وقت ملي. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو. متان پرھيزگاريءَ جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوھان کي برغلائي وجھي. [٦] انھيءَ ڳالھہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڪريان. [٧] تنھن ھوندي بہ منھنجي اھا خواھش آھي تہ سڀ ماڻھو مون وانگر ھجن. پر ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي خدا کان پنھنجي پنھنجي ڏات مليل آھي، ڪنھن کي ڪھڙي تہ ڪنھن کي ڪھڙي. [٨] پر اڻپرڻيلن ۽ رننزالن کي منھنجو چوڻ آھي تہ انھن لاءِ اھو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ ٿو رھان تيئن ھو بہ رھن. [٩] پر جيڪڏھن ماڻھو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇالاءِجو شھوت ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بھتر آھي. [١٠] باقي جيڪي پرڻيل آھن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنھنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي. [١١] پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي. [١٢] باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي. [١٣] يا جيڪڏھن ڪنھن عورت جو مڙس ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھو ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھو ڇڏڻ نہ گھرجي. [١٤] ڇالاءِجو ديندار زال جي ڪري بيدين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بيدين زال پاڪ ٿئي ٿي، نہتہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن. [١٥] انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي. [١٦] ڇالاءِجو اي زال! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي مڙس کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ يا اي مڙس! تو کي ڪھڙي خبر تہ شايد تون پنھنجي زال کي ڇوٽڪارو ڏيارين؟ [١٧] پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان. [١٨] جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻطھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي. [١٩] طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي. [٢٠] جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي. [٢١] جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ. [٢٢] تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي. [٢٣] اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو. [٢٤] اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي. [٢٥] ڪنوارپڻي بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونھي، پر خدا جي رحم سان ھڪ معتبر ماڻھوءَ وانگر آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان. [٢٦] ھاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري آءٌ سمجھان ٿو تہ ماڻھو جھڙو آھي تھڙو ئي رھي تہ چڱو. [٢٧] جيڪڏھن پرڻيل آھين تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪر ۽ جيڪڏھن اڻپرڻيل آھين تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪر. [٢٨] پر جيڪڏھن تون شادي ڪندين تہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندين ۽ جيڪڏھن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ اھا بہ ڪو ڏوھہ ڪونہ ڪندي. پر جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي ھن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انھن کان آءٌ اوھان کي بچائڻ ٿو گھران. [٢٩] پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن. [٣٠] روئڻ وارا ائين روئن ڄڻ تہ روئن ئي نہ ٿا، خوشي ڪرڻ وارا ائين خوشي ڪن ڄڻ تہ خوشي ڪن ئي نہ ٿا، خريد ڪرڻ وارا ائين ٿين جو ڄڻ تہ وٽن ڪابہ ملڪيت ڪانھي. [٣١] دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انھيءَ ۾ ئي غلطان ٿي نہ وڃن، ڇالاءِجو ھن دنيا جو رنگ ڍنگ تبديل ٿيندو ٿو وڃي. [٣٢] منھنجي خواھش اھا آھي تہ جيئن اوھين فڪرن کان آزاد رھو. اڻپرڻيل کي خداوند جي ڳالھين بابت فڪر رھي تہ ھو ڪھڙيءَ طرح خداوند کي راضي ڪري. [٣٣] پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہدليو آھي. [٣٤] اڻپرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري. [٣٥] اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو. [٣٦] جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. [٣٧] پر جنھن ماڻھوءَ پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ مجبور بہ نہ آھي، بلڪ پنھنجي ارادي جو مضبوط آھي ۽ دل ۾ اھو پڪو پھہ ڪيو اٿائين تہ پنھنجي ڇوڪري ڪنواري رکندس تہ ھو چڱو ٿو ڪري. [٣٨] اھڙيءَ طرح جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري ۽ جيڪو پنھنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري. [٣٩] زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي. [٤٠] منھنجي راءِ آھي تہ جيڪڏھن اھا نہ پرڻجي تہ وڌيڪ خوش رھندي ۽ آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آھي، جيڪو منھنجي ھدايت ڪري ٿو. |
|