هڪ موضوع تي بائيبل جون آيتون

موضوع
خدا
سٺو ڪردار
خراب ڪردار
گناهه
زندگي
چرچ
اسرار
ملائڪ ۽ شيطان
رياضي جون نشانيون
اضافي
گناهه: [ارتداد]
ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي.
پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.
ٽڪر وارا اھي ماڻھو آھن، جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا تڏھن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ ھئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مھل ڦري ٿا وڃن.
[٤] سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن [٥] ۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي. [٦] پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بي⁠عزت ٿا ڪن.
[٢٠] سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي. [٢١] ڇالاءِ⁠جو انھن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سھي پر انھيءَ پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو ھو. تنھنڪري انھن لاءِ سٺو ٿئي ھا جو اھي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ھا. [٢٢] ھي سچو پھاڪو انھن سان لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انھيءَ ڏانھن ٿو موٽي، ۽ وھنتل سوئر وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“
[٢٦] پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي. [٢٧] پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي. [٢٨] جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بي⁠رحميءَ سان ماريو ٿو وڃي، [٢٩] تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟
[٣] ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا. [٤] اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.
جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون.
[١] پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا. [٢] اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي.
پر جيئن تہ بني اسرائيل ۾ پڻ نبي سڏائيندڙ ھئا جيڪي حقيقي نبي نہ ھئا، تيئن اوھان ۾ بہ ڪوڙا استاد پيدا ٿيندا. اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا. ايتري قدر جو انھيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنھن کين خريد ڪيو آھي. ائين ھو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.
[١٠] ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا. [١١] ڪيترا ئي نبي سڏائيندڙ ايندا ۽ گھڻن کي ٺڳيندا. [١٢] بڇڙائي وڌي ويندي، تنھنڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو.
تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھان کي انھن ڳالھين جي اڳي ئي خبر آھي، تڏھن خبردار رھو، ائين نہ ٿئي جو اوھين بدڪار ماڻھن جي گمراھيءَ ڏانھن ڇڪجي پنھنجي ثابت⁠قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.
تنھن تي سندس ڪيترا ئي شاگرد پٺتي موٽي ھليا ويا ۽ وري ھن سان گڏ ھلڻ جي نہ ڪيائون.
اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.
[١] پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ ايندڙ زمانن ۾ ڪي ماڻھو ايمان کان ڦري ويندا ۽ گمراھہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا. [٢] اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي. [٣] اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.
اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.
[٩] پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا. [١٠] ان وقت گھڻا ئي گمراھہ ٿيندا، ھڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ ھڪٻئي کان نفرت ڪندا.
[١٤] پوءِ ٻارھن شاگردن مان ھڪڙو جنھن کي يھوداہ اسڪريوتي چوندا ھئا سو سردار ڪاھنن وٽ آيو، [١٥] ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪريان تہ پوءِ اوھين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنھن تي انھن کيس ٽيھہ چانديءَ جا سڪا ڳڻي ڏنا. [١٦] ان کان پوءِ يھوداہ اھڙي موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جيئن عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري.
[١٩] ڪن ماڻھن ضمير کي ڇڏي پنھنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آھي. [٢٠] ھمنيوس ۽ سڪندر انھن مان ئي آھن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان باز رھڻ سکن.
مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.
[٢٥] اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻھن جي عادت آھي، بلڪ اچو تہ ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھون. جيئن جيئن اوھين خداوند جو ڏينھن ويجھو ايندو ٿا ڏسو، تيئن تيئن اھڙيون ڳالھيون وڌيڪ ڪندا رھو. [٢٦] پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي. [٢٧] پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي. [٢٨] جڏھن ڪو ماڻھو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ ھن کي ٻن يا ٽن ماڻھن جي شاھديءَ تي بي⁠رحميءَ سان ماريو ٿو وڃي، [٢٩] تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟ [٣٠] ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“ [٣١] زندہ خدا جي ھٿن ۾ اچڻ ھڪ وڏي خوفناڪ ڳالھہ آھي.
[٢٠] ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. [٢١] پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.
بلڪ آءٌ پنھنجي بدن کي ماري ڪُٽي کيس پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين کي تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.
[٤] سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن [٥] ۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي. [٦] پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بي⁠عزت ٿا ڪن. [٧] مثال طور جيڪا زمين پاڻ تي ھر ھر پوندڙ مينھن جو پاڻي ٿي پيئي ۽ پنھنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنھن تي خدا جي برڪت ٿي نازل ٿئي. [٨] پر جيڪا زمين ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنھن ڪم جي ناھي ۽ لعنت پوڻ کي ويجھو ٿي ٿئي. آخر ڪار اھا ساڙي وڃي ٿي.
تنھنجي نالي ٻڌو اٿن تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يھودي آھن، تن سڀني کي تون چوين ٿو تہ موسيٰ جي شريعت تي عمل نہ ڪن، ٻارن جو طھر نہ ڪرائين ۽ پنھنجن ريتن رسمن تي نہ ھلن.
اوھين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آھيو.
اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِ⁠جو نہ حرامڪار، نڪي بت⁠پرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊي⁠باز،
پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.
ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.
ڇالاءِ⁠جو اھڙو وقت ايندو، جڏھن ماڻھو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. پر ھو پنھنجين خواھشن جي پورائي لاءِ پنھنجي چوڌاري گھڻا ئي اھڙا استاد آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اھو ئي ڪجھہ ٻڌائيندا جيڪو سندن خارش وارا ڪن ٻڌڻ چاھين ٿا.
[٣] ڪنھن بہ طرح ڪنھن ماڻھوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو. ڇالاءِ⁠جو اھو ڏينھن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ماڻھو پھرين خدا کان ڦري نہ وڃن ۽ وڳوڙي ماڻھو جنھن جي پڇاڙي بربادي آھي ظاھر نہ ٿئي. [٤] ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.
ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.
انھيءَ لاءِ ئي اسين محنت ۽ جانفشاني ٿا ڪريون، جو اسان جي اميد انھيءَ جيئري خدا تي رکيل آھي جيڪو سڀني ماڻھن، خاص ڪري ايمان آڻڻ وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.
ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي اھا ئي مرضي ھجي تہ اوھين نيڪي ڪرڻ سبب ڏک سھو، تہ اھا ڳالھہ بدي ڪرڻ سبب ڏک سھڻ کان بھتر آھي.
ڇالاءِ⁠جو اسان جي نصيحت گمراھہ ڪندڙ ناھي، نڪي ناپاڪيءَ يا ٺڳيءَ واري آھي.
اھڙيون ڳالھيون انھن ڪوڙن ماڻھن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جو ضمير مئل آھي، ڄڻ تہ گرم لوھہ سان ڏنڀيل آھي.
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي،
[٣] تڏھن ٻارھن شاگردن مان ھڪڙي يھوداہ، جنھن کي اسڪريوتي بہ چوندا ھئا، تنھن جي دل ۾ اچي شيطان گھڙيو. [٤] ھن وڃي سردار ڪاھنن ۽ ھيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪھڙيءَ ريت ھو عيسيٰ کي سندن حوالي ڪري. [٥] تنھن تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن جي آڇ ڪيائون. [٦] ھن قبول ڪيو ۽ موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ جڏھن ميڙ نہ ھجي تہ ھو عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.
[٣١] تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھر ھڪ گناھہ ۽ ڪفر ماڻھن کي بخش ٿي سگھندو، پر پاڪ روح جي خلاف بڪيل ڪفر نہ بخشيو ويندو. [٣٢] جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“
Sindhi Common Bible 2009
2009 Pakistan Bible Society