هڪ موضوع تي بائيبل جون آيتون

موضوع
خدا
سٺو ڪردار
خراب ڪردار
گناهه
زندگي
چرچ
اسرار
ملائڪ ۽ شيطان
رياضي جون نشانيون
اضافي
گناهه: [لعنت ڏيڻ]
پر ھاڻي اوھين اھڙيون سڀ ڳالھيون يعني ڪاوڙ، غضب، بدخواھي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ ڇڏي ڏيو.
اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.
اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.
بي⁠شرمي، اجائي بڪ بڪ ۽ گندي چرچي بازي نہ ھئڻ کپي. اھي نالائقيءَ جھڙيون ڳالھيون آھن، پر اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.
جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.
سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.
[٥] ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي. [٦] زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي. [٧] اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي. [٨] پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي. [٩] جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن. [١٠] سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي. [١١] ڇا چشمي جي ھڪڙي ئي منھن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري سگھي ٿو؟ [١٢] اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا انجير جي وڻ مان زيتون، يا انگورن جي ول مان انجير پيدا ٿي سگھن ٿا؟ اھڙيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.
جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.
پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي.
تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“
جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو.
[١٠] پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو [١١] تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“
[٨] پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي. [٩] جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن. [١٠] سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.
[١٨] پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون، [١٩] ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا. [٢٠] اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“
Sindhi Common Bible 2009
2009 Pakistan Bible Society