Bible Verses On A TopicTopics God Blessing Come As You Are Commandments Curse Financial Blessing Free Will God's Grace God's Love God's Will God's Timing I Will Never Leave You Miracles Names of God Offerings Plans Being Saved Trinity Time Unconditional Love Viruses / Diseases Who God Is Good Character Acceptance Abstinence Accountability Boldness Caring Cleanliness Commitment Confidence Contentment Courage / Brave Compassion Discipline Faith Grateful Hospitality Humble / Humility Honest Honor Integrity Kindness Love Modesty Mercy Patience Sanctification Self-Control Trust Bad Character Anger Betrayal Bullying Bitterness Complaining Conflict Fear Foolish Hypocrite Jealousy Judgmental Lazy Pride Revenge / Vengeance Vanity Violence Sins Abortion Addiction Adultery Apostasy Cursing Divorce Envy Fornication Gluttony Gossip Greed Hate Lust Lying Masturbation Procrastination Theft Life Aging Animals Adoption Birthday Beauty Being Alone Dating Death Depression Disappointment Discernment Exercise Ethics Fasting Finding Love Focus Family Food Guilt Health Happiness Hell Infertility Job Loss Loss Mental Illness Music Marriage Putting God First Pain Parenting Struggle Sex Trials Temptation Verse For Men Verses For Women War Wealth Widows Church Attending Church Birth Of Jesus Church Persecution Deacons False Teachers Going To Heaven Holy Spirit Messiah In The Bible Pastors Praising God Parables From Jesus Pentecost Speaking in Languages Tithing Worship Womens Roles Mysteries Aliens Cancer Destiny Dinosaurs Dragons Dreams Flat / Round Earth Giants in the Bible Last Days / Future Unicorns Angels and Demons Archangels Angels Beelzebub Demons Guardian Angels Lucifer Sorcerer / Magic Math Signs Number ٣ Number ٥ Number ٧ Number ٨ Number ١٠ Additional Alcohol Abundance Abomination Broken Heart Cannibalism Death Penalty Drugs Evil Emotions Halloween Helping the Poor Miscarriage Police Officers Piercings Polygamy Revival Sadness Science Self Defence Slavery Suicide Talent Tattoos Work Sins: [Fornication] 1 ڪرنٿين ٥:١ايتري قدر بہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ اوھان ۾ زناڪاري آھي ۽ زناڪاري بہ اھڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانھي، بلڪ اوھان مان تہ ھڪڙو پنھنجي پيءُ جي زال ويھاريو ويٺو آھي.1 ڪرنٿين ٦:١٣ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.1 ڪرنٿين ٧:٢پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري گھڻي آھي، سو بلاشڪ ھر ڪنھن مرد کي پنھنجي زال ھجي ۽ ھر ڪنھن زال کي پنھنجو مڙس ھجي.1 ڪرنٿين ١٠:١٣تنھنڪري اي عزيزو! بتپرستيءَ کان ڀڄو.1 يوحنا ١:٩پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.ڪلسين ٣:٥تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوتپرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بتپرستيءَ جي برابر آھي.افسين ٥:٣پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِجو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.عبرانين ١٣:٤سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِجو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.قاضين ١:٧متي ٥:٣٢پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“متي ١٩:٩آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“مڪاشفو ٢١:٨پر جيڪي ڊڄڻا، بيايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتپرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“رومين ١٢:١-٢[١] تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آھي، سو آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين پنھنجي سڄي بدن کي اھڙي قرباني ٿيڻ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند ھجي. اھو ئي عبادت جو صحيح طريقو آھي جيڪو اوھان کي ڪرڻ گھرجي. [٢] ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي. يوحنا ٨:٤١-٤٢[٤١] اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“ [٤٢] عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻتہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي. خروج ٢٢:١٦-١٧1 ٿسلونيڪين ٤:٣-٤[٣] سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. [٤] اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي، 1 ڪرنٿين ٦:٩-٢٠[٩] اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِجو نہ حرامڪار، نڪي بتپرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊيباز، [١٠] نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا. [١١] اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا. [١٢] اوھان مان ڪو سمجھي تہ ”سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن.“ ٺيڪ آھي، پر ھر ڪا شيءِ اوھان لاءِ فاعدي واري نہ آھي. جيڪڏھن آءٌ بہ چوان تہ ’سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن،‘ تہ بہ آءٌ ڪنھن بہ شيءِ جو غلام ڪين ٿيندس. [١٣] ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو. [١٤] خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو. [١٥] ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ. [١٦] ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“ [١٧] پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو. [١٨] سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري. [١٩] اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي، [٢٠] ڇالاءِجو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو. گلتين ٥:١٩-٢١[١٩] ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوتپرستي، [٢٠] بتپرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي، [٢١] بغض، نشيبازي، عيشپرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا. مرقس ٧:٢٠-٢٣[٢٠] ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، [٢١] زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي. [٢٢] اھي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ ماڻھوءَ کي پليت ڪن ٿيون.“ [٢٣] پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو. Sindhi Common Bible 2009 © 2009 Pakistan Bible Society